پرڏيهه رهندڙ پاڪستانين طرفان اماڻيل ناڻي ۾ 8.5 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ

اسلام آباد (م ڊ) نار تعاون ڪائونسل جي ميمبر ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين طرفان اماڻيل ناڻي ۾ جاري مالي سال جي پهرين پنجن مهينن ۾ گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 8.5 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ جي انگن اکرن موجب سعودي عرب کان علاوه نار تعاون ڪائونسل جي باقي ميمبر ملڪن بحرين، ڪويت، قطر ۽ اومان ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جاري مالي سال جي پهرين پنجن مهينن ۾ 1.452 ارب ڊالرن جو مٽاسٽا وارو ناڻو ملڪ اماڻيو. جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 8.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ انهن ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين طرفان 1.338 ارب ڊالرن جو مٽاسٽا وارو ناڻو ملڪ اماڻيو هو.

  • سنڌ يونيورسٽي جي لاڳاپيل ڪاليجن ۾ امتحان ملتوي

ڄامشورو (ڊ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انتظاميه سياري جي موڪلن سبب لاڳاپيل ڪاليجن ۾ فيز ٽو جا رٿيل امتحان ملتوي ڪري ڇڏيا آهن. پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ امتحانن واري ڪنٽرولر پروفيسر ڊاڪٽر سراج الحق ڪانڌڙو ڄاڻايو ته سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل سمورن ڪاليجن ۾ فيز ٽو تحت رٿيل سمورا پيپر سياري جي موڪلن سبب ملتوي ڪيا ويا، جڏهن ته نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

  • باباءِ قوم جو جنم ڏهاڙو سڀاڻي ملهايو ويندو

اسلام آباد(م ڊ) باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جو يوم ولادت 25 ڊسمبر 2021ع تي ان عهد جي تجديد سان ملهايو ويندو ته قائد جي بصيرت جن جي عظيم سياسي جدوجهد جي نتيجي ۾ مادر وطن وجود ۾ آيو تي عمل پيرا ٿيندي وطن عزيز جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ محنت ۽ لڳن سان ڪم ڪنداسين. قائداعظم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876ع تي پاڪستان ۾ پيدا ٿيو. ان ڏينهن سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هوندي ۽ سڄي ملڪ جي اهم سرڪاري عمارتن تي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويندا. ڏينهن جي شروعات ملڪ جي سلامتي، ترقي، خوشحالي لاءِ خاص دعائن سان ٿيندو.

  • رٽائرڊ ۽ شهيد فوجين جي وارثن جا مسئلا حل ڪيا وڃن: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد

حيدرآباد (رپورٽر)حيدرآباد جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر لعل ڏنو منگي سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي رٽائرڊ ۽  شهيد فوجين جي وارثن جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ کي يقيني بڻائين. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن آرمڊ سروسز بورڊ جي سالياني گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته ضلعي انتظاميه پاران رٽائرڊ ۽ شهيد فوجين جي وارثن سان هر ممڪن تعاون ڪيو وڃي-هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو ڪوٽا جي مطابق هٿيارن جا لائيسنس جاري ڪن – ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙ پينشن،  فيملي پينشن، ب فارم، طلاق ۽ ٻين دستاويزات جي حصول ۾ درپيش مسئلا پيش ڪيا جنهن تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد لعل ڊنو منگي انهن جي مسئلن کي فوري حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو-گڏجاڻي ۾ پوليس، نادرا، پوسٽ آفيس، روينيو، سوشل ويلفيئر سميت ٻين واسطيدار کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي

  • ملير جي صحافي آصف جتوئي جو ڀاڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو

ملير (ڊ ر) ملير پريس ڪلب جي سينئر صحافي آصف جتوئي جو ڀاڻيجو امجد جتوئي ڪافي عرصو بيمار رهڻ بعد گذريل ڏينهن  ضلعي مديجي جي ڳوٺ حاجي پيارو خان جتوئي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جي جنازي نماز ڪرڻ بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، صحافي آصف جتوئي جي ڀاڻيجي جي وفات تي ملير پريس ڪلب جي صدر مرتضيٰ چانڊيو، جنرل سيڪريٽري حنيف سومرو، جميل چانڊيو، مصطفيٰ عباسي، علي محمد گبول، عبدالرحمن گبول، مير ذوالفقار، آصف قريسي، سجاد ڇڄڙو، حسن ٽڳڙ، محمد خان ڪلمتي، حمزو پنهور، عرفان ميمڻ، راجا بلوچ، اياز ڀاڳت، مختيار چانڊيو، اياز حمائتي، ضلع ڪائونسل ڪراچي جي اڳوڻي ميمبر آغا طارق پٺاڻ، ڪمپيوٽر آپريٽر جهنڊو خان ٽالاڻي، ڪيمرامين شڪيل ميرجت، ميڊيا ڪوآرڊينيٽر صوبائي وزير نبيل ميرجت، نائب قاصد اخلاق ڀٽي، فضل چنا پاران صحافي آصف جتوئي سان دلي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.