گهگهر ڦاٽڪ لڳ پوليس چڙهائي، گهر ڊاهي پٽ، ايس ٽي پي جو ڌرڻو

ملير (ڊ.ر) گهگهر ڦاٽڪ ويجهو قادر نگر ۾ پوليس چڙهائي خلاف ايس ٽي پي ڪارڪنن خير محمد مگسي، شبير چانڊيو، راڻو زهراڻي، نصرت سومرو، صدا بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ خير محمد مگسي ۽ ٻين چيو ته اسٽيل ٽائون پوليس بلا جواز چڙهائي ڪري ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، پوليس کي جيڪڏهن منشيات فروشن ۽ ٻين ڏوهارين تي ڪاروائي ڪرڻي آهي ته ان جي نشاندهي ڪري ڪاروائيون ڪن پر پوليس بلا جواز غريب ڳوٺاڻن جي گهرن تي چڙهايون ڪري سندن گهرن کي ڊاهي پٽ ڪيو آهي جيڪا زيادتي آهي، اسان پوليس جي اهڙي عمل جي سخت مذمت ڪيون ٿا، هنن چيو ته قادر نگر سميت گهگهر جا ڪيترائي ڳوٺ سنڌي آبادين تي ٻڌل آهن جتي مختلف وقتن تي بهانا بڻائي چڙهايون ڪيون ويون آهن، اها روايت ادارن پاران مسلسل برقرار آهي پر اسان جا حڪمران توڙي رياستي ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن اهڙي ريت گذريل رات اسٽيل ٽائون پوليس بلا جواز قادر نگر ۾ غريب ڳوٺاڻن جي گهرن تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چاديواري جو تقدس پامال ڪيو آهي، هنن وڏي وزير سنڌ، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بدمست ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون کي معطل ڪري ڳوٺاڻن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.