ٽنڊو حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو بااثر خلاف احتجاج، ڊي آءِ جي آفيس اڳيان ڌرڻي جو چتاءٌ

ٽنڊو حيدر(ن ع آ)  شھيدن جي ڳوٺ ٽنڊي بهاول ۾ بااثر زميندار الھ رکي گوپانگ جي چرچ تي هٿيار بندن جي ڏينهن ڏٺي ڳوٺ اندر  ڪاھ مارڪٽ تشدد ڳوٺاڻن پاران سخت احتجاجي مظاهرو ان موقعي تي رئيس غلام حسين  ڀرڳڙي رئيس شيرخان ڀرڳڙي ڪريم بخش  قمبراڻي نياز محمد ۔ محمد ايوب دلاور سميت ميڊيا کي ٻڌايو ته مقامي زميندار الھ رکي گوپانگ سان زمين واري مسئلي تي پراڻو تڪرار هلندڙ آھي جڏنهن ته ڪورٽ سڳوري مان اسٽي آرڊر وٺڻ باوجود ڳوٺ خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ سميت بااثر وڏيري جا ماڻھون جنهن ۾ محمد سليم گوپانگ نديم گوپانگ هادي بخش گوپانگ محمدو گوپانگ امير بخش گوپانگ لکاڏنو بروهي سميت 6 نامعلوم هٿيار بندن ڏينهن ڏٺي ڳوٺ واسين مٿان موتمار حملو ڪيو اسان جي دانهن ڪوڪن تي ڳوٺ واسين پهتا مذمت ڪرڻ تي جوابدار عين موقعي تان فرار ٿي ويا اهڙي واقعي جي اطلاع پٻڻ ٿاڻي تي ڏيڻ بعد جوبدارن مٿان ايف آء آر پڻ داخل ڪرائي وئي جڏنهن ته پٻڻ پوليس اڃان تائين  ٻه جوابدار گرفتار ڪري سگهي آھي وڏيرو الھ رکيو گوپانگ دولت جي نشي ۾ انساني جانين جو دشمن بڻيل آهي جنهن هٿيارن جي زور تي سموري ڳوٺ واسين کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آھي انهن چيو ته 1992 وارو واقعو ٻيهر ورجائڻ نٿا چاهيون ظالم وڏيري جي ظلمن کي ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين انهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان گورنرسنڌ وزير اعلي سنڌ آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي حيدرآباد کي اپيل ڪندي چيو ته الھ رکي گوپانگ سميت ان جي ساٿارين کي فوري طور گرفتار ڪري سموري ڳوٺ کي بچائڻ سميت انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڊي آء جي آفيس اڳيان سخت ڌرڻو ڏنو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.