خانواهڻ ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني، سياسي سماجي اڳواڻن جو ڌرڻو

خانواهڻ  ( ن ع آ ) خانواهڻ شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقي ۾ وڌندڙ بدامني ، منشات جي اڏن ۽ پوليس جي اڍنگي رويي خلاف اڄ ٽئين ڏينهن پڻ شهري اتحاد خانواهڻ ، ڪونڌر ينگ اتحاد ، آل پاڪستان ڪونڌر اتحاد ، شاهه لطيف فائوڊيشن ، سولنگي اتحاد  ۽ ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب خانواهڻ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي اڳواڻن منظور عباسي ، سيد عاشق علي شاهه ، وقار ڪونڌر ، جنسار علي سولنگي ، عبد الغفور سحر ، عامر علي ميمڻ ، ماجد ڪونڌر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته خانواهڻ شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي جڏهن ته سماجي برايون منشات جو وڪرو پڻ اروج تي پهتل آهن پر خانواهڻ پوليس ڳري رشوت ملڻ سبب اگهور ننڊ ستل آهي ويتر سماجي اڳواڻ الله بخش کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته جيڪڏهن سماجي براين ۽ منشيات خلاف آواز اٿاريو ته ڪوڙن ڪيسن لاءِ تيار ٿي وڃو، هنن وڌيڪ چيو ته احتجاجي تحريڪ ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين ايس ايڇ او خانواهڻ کي هٽايو نه ويندو ايس ايڇ او ۽ مقامي عملي کي ترت هٽايو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.