عمرڪوٽ ۾ عورت جي تذليل، هڪ جوابدار گرفتار

عمرڪوٽ (ڊ ر) عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ مورلڪ ۾ چار ڏينهن اڳ ڪورٽ ۾ پيشي ڏئي واپس گھر ويندڙ عورت کي تذليل بعد  اغوا ڪرڻ جي ڪوشش وارو معاملو. ٽيجان زال هرچند ڀيل ڪورٽ ۾ پيشي ڏئي گھر وڃي رهي هئي ته مڙس سميت 7 ڄڻن وچ رستي ۾ عورت کي وارن مان گهلي تذليل ڪرڻ بعد اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي  بروقت عمرڪوٽ پوليس ڪاروائي ھڪ جوابدار توگو ڀيل کي گرفتار ڪري ورتو ھو.  ڀارت ۾ سياسي سماجي تنظيمون واقعي کي هندو مسلم جو رنگ ڏيڻ لڳيون. ڀارت جي مختلف نام نهاد ٽي وي چئنل تي اهو خبرون بريڪنگ ڪيون ويون ته مسلمان عورت کي زوري مذهب تبديل ڪرڻ لا۽ کڻي وڃي رهيا آهن جڏهن تي عورت کي تذليل جو نشانو بنائڻ وارا مڙس ۽ ڏير هئا ۽ پي ٽي آئي ايم اين اي لال مالهي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته عمرڪوٽ ۾ عورت سان ٿيل تذليل واري واقعي ۾ مسلمان نه پر عورت جو مڙس ۽ ان گهر جا ڀاتي شامل هئا ڀارتي چئنلن تي پاڪستان تي لڳندڙ الزامن کي رد ڪيون ٿا عورت جو گهرو معاملن سان مسئلو ٿيو اغوا ۽ تذليل ڪرڻ وارا ان جا گهر ڀاتي هئا, پاڪستان جي مختلف سياسي سماجي اڳواڻ جا واقعي بابت حقيقي آگاهي ڪوڙ ڳالهائيندڙ معاملو کي هندو مسلم جو رنگ ڏيندڙ جو منهن ڪارو ٿي ويو

  • نواب وساڻ جي ڪرپشن ڪيس مان عبوري ضمانت ۾ واڌ

سکر( رپورٽر) صوبائي صلاح ڪار نواب وساڻ جي ڪرپشن ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ 31 جنوري 2022 تائين واڌ. خبر موجب : صوبائي صلاحڪار نواب وساڻ پاران عبوري ضمانت ۾ واڌ واري ڏنل درخواست جي ٻڌڻي نيب عدالت جي جج فريد انور قاضي جي عدالت ۾ ٿي گذري. ٻڌڻي دوران نواب وساڻ ۽ سندس وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا، جنهن دوران نيب پراسڪيوٽر عدالت ۾ جواب داخل ڪرائيندي استدعا ڪئي ته نواب وساڻ خلاف نيب سکر ڪرپشن جي جاچ ڪري رھي آھي جاچ مڪمل نه ٿي سگهي آھي ڪجهه ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي ، جنھن کانپوءِ احتساب عدالت نيب مٿان ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ضمانت ۾ واڌ ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 31 جنوري 2022 تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

  • شناختي ڪارڊ ۾ عوام کي ڏکيائي، ڊي جي نادرا جي کليل ڪچهري

سکر(رپورٽر )ڊي جي نادرا سکر ڪرنل(ر) سهيل محمود چيو آهي ته عوامي مسئلا حل ۽ صارفين کي شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ڏکيائين جي خاتمي جي لاءِ نادرا سکر پاران قدم کنيا پيا وڃن، صارفين جي جائز شڪايتن جي  فوري ازالي جي لاءِ کليل ڪچهريون لڳائڻ جو سلسلو جاري آهي، ته جيئن شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتن ۽ خامين کي پري ڪري صارفين کي ريليف فراهم ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نادرا ريجنل هيڊ آفيس ايئرپورٽ روڊ سکر ۾ صارفين جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ لڳل کليل ڪچهري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. کليل ڪچهري ۾ سکر، روهڙي، صالح پٽ، پنوعاقل، لکي، شڪارپور، خيرپور ، ڪنڌرا، پير جو ڳوٺ سميت مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو. جنهن تي ڊي جي نادرا سکر ڪرنل (ر) سهيل محمود موقع تي ئي صارفين جي جائز شڪايتن جي ازالي جي لاءِ حڪم جاري ڪيا. سهيل محمود جو وڌيڪ چوڻ هو ته عوام کي شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي پريشاني آهي ته هو مون سميت اسان جي ڪنهن به آفيسر سان ملاقات ڪري پنهنجا مسئلا حل ڪرائي سگهن ٿا. اسان جو مقصد عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي ۽ انهيءَ مقصد جي تحت اسان کليل ڪچهريون لڳائڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، ته جيئن عوام براه راست پنهنجي شڪايتون درج ڪرائي پنهنجا مسئلا حل ڪرائي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.