گهوٽڪي شهر مان 2 نوجوان کنڀجي ويا، ٿاڻي آڏو ڌرڻو

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي شهر مان ٻه نوجوان مبينه طور تي کنڀجي ويا وارثن جو اي سيڪشن ٿاڻي اڳيان احتجاج ، ٻنهي نوجوانن جي وارثن پرويز  احمد ڀٽو، ير احمد ڀٽو، حب علي ڀٽو،صف علي ڀٽو ۽ ٻين گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي هنن چيو ته گهوٽڪي شهر جي احمد نگر محلي مان ڪار ۾ سوار جوابدارن گهر تي چڙهائي ڪري ٻن نوجوانن عبدالوحيد ڀٽو ۽ اقبال احمد ڀٽو کي کنڀي کڻي ويا آهن، خبر نٿي پوي ته سندن  نوجوانن کي ڪنهن اغوا ڪيو آهي اهڙي کنڀجڻ جو اطلاع گهوٽڪي پوليس کي ڪيو آهي پر گهوٽڪي پوليس ڪجهه به ٻڌائڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي، ايس ايس پي گهوٽڪي معاملي جو نوٽيس وٺي کنڀي گم ڪيل  عبدالوحيد ڀٽو ۽ اقبال احمد ڀٽو کي آزاد ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.