مزيدار حيدرآبادي چڪن قورمو تيار ڪرڻ جي ترڪيب

قورمو هڪ اهڙي ڊِش مڃي ويندي آهي جنهن کي عام طور تي هر وڏي تقريب ۾ ضرور تيار ڪيو ويندو آهي.

جيڪڏهن اوهان به گھر ۾ ڪنهن تقريب لاءِ قورمو تيار ڪرڻ چاهيو ٿا ته هيٺ ٻڌايل حيدرآبادي چڪن قورمي جي نهايت سولي ترڪيب آزمايو.

جُز (3 کان 4 ماڻهن لاءِ)

چڪن-600 گرام

لوڻ-ذائقي موجب

هيڊ-هڪ کائڻ جو چمچو

ڳاڙها مرچ پيٺل-کائڻ جو ڏيڍ چمچو

ليمي جي رسُ کائڻ جا ٻه چمچا

ادرڪ ۽ ٿوم جو پيسٽ چائڻ جا ٻه چمچا

کائڻ جو تيل-کائڻ جا ٻه چمچا

بصر هڪ عدد

ثابت زيرو چانهه جو هڪ چمچو

ساوا مرچ ٻه عدد

ننڍا ڦوٽا 3 عدد

ٽماٽا 3 عدد

ڏهي کائڻ جو هڪ چمچو

ڪارا مرچ پيٺل-چانهه جو اڌ چمچو

زيرو ڪُٽيل-چانهه جو هڪ چمچو

سُڪا ڌاڻا ڪٽيل-چانهه جو هڪ چمچو

چڪن يخني-اڌ ڪوپ

آلو بخارا-10 گرام

ساوار مرچ، ساوا ڌاڻا، ادرڪ گارنشنگ لاءِ

ترڪيب

هڪ ٿانو ۾ چڪن، آئل، لوڻ، هيڊ، ڳاڙها مرچ پيٺل، ليمي جي رسُ، ادرڪ ۽ ٿوم جو پيسٽ وجهي ڪري سٺي طرح گڏايو ۽ اڌ ڪلاڪ لاءِ فرج ۾ رکي ڇڏيو.

هاڻ هڪ پين ۾ کائڻ جو تيل گرم ڪري مصالحو لڳل چڪن کي 3 کان 4 منٽن تائين وچولي باهه تي ڊيپ فراءِ ڪري وٺو.

ان کان پوءِ هڪ پين ۾ ڪوڪنگ آئل، بصر، ثابت زيرو، ساوا مرچ، ننڍا ڦوٽا، وڏا ڦوٽا، ادرڪ ۽ ٿوم جو پيسٽ، ٽماٽا، ڏهي، لوڻ، هيڊ، ڳاڙها مرچ پيٺل، ڪارا مرچ پيٺل، زيرو پائوڊر ۽ ڪُٽيل ڌاڻا وجهي ٻه کان ٽن منٽن تائين ڀڃي وٺو.

چڪن يخني وجهي 4 کان 5 منٽن تائين دم ڏئي ڇڏيو، ان کان پوءِ آلوبخارا، فراءِ ڪيل چڪن ۽ گارنش وجهي ڪري ٽئي کان 4 منٽن تائين ڀڃي وٺو.

مزيدار حيدرآبادي چڪن قورمي کي ڌاڻن ۽ ادرڪ جي گارنشنگ سان گڏ پيش ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.