ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
شهر جي مختلف علائقن گلشن حديد، گڏاپ، آءِ آءِ چندريگر روڊ، گلستان جوهر، ملير، ڪينٽ، اسڪيم 33 سميت ٻين علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب ڪراچي ۾ زلزلي جي شدت 4.1 ۽ اونهائي 15 ڪلو ميٽر هئي، زلزلي جو مرڪز ڊي ايڇ اي ڪراچي کان 15 ڪلو ميٽر اتر ۾ هو.