واٽس ايپ اسٽيٽس لاءِ  نئون فيچر متعارف

دنيا جي مشهور ترين ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ پنهنجي اسٽيٽس لاءِ واهپيدارن کي هڪ نئون ۽ ڪم جو فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ان نئين فيچر سان واهپيدار فوري طور تي اهڙي اسٽوري کي ان ڊو ڪري سگندا جيڪا غلطي سان پوسٽ ٿي وڃي‏ جنهن لاءِ ان ڊو بٽڻ کي اسٽيٽس اپ ڊيٽ ۾ ٽيسٽ ڪيو پيو وڃي.

انڊو بٽڻ کي ڪلڪ ڪرڻ تي واهپيدار پوسٽ ٿيندڙ ڪنهن به اسٽيٽس کي فوري طور تي هٽائي سگھندو.

اهو فيچر  اڃا بيٽا ورجن ۾ آءِ او ايس ٽيسٽرز لاءِ آهي، پر جلد ان کي آءِ او ايس تي وڌيڪ بيٽا واهپيدارن کي فراهم ڪيو ويندو ۽ ان کي بعد ۾ سڀني واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويندو.

واضح رهي ته اسٽيٽس فيچر ۾ واهپيدارن تصويرن ۽ وڊيوز کي ايموجيز ۽ ڪيپشن سان گڏ شيئر ڪري سگھن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.