اومي ڪرون: ماهرن سٺي خبر ٻڌائي ڇڏي

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي ناليواري اميونولاجسٽ انٿوني فوڪي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جو نئون قسم اومي ڪرون ٻين قسمن جي ڀيٽ ۾ گهٽ خطرناڪ آهي.

صدر جو بائيڊن جي طبي صلاحڪار موجب اومي ڪرون اڳ کان موجود وائرس ڊيٽا کان وڌيڪ ”بدتر“ ناهي ۽ اها ڳالهه تقريبن يقيني آهي.

واضح رهي ته ان کان اڳ صحت جي عالمي اداري جي سيڪنڊ ان ڪمانڊ مائيڪل رائن پڻ چيو هو ته ان ڳالهه جو تمام گهٽ امڪان آهي ته ڪورونا ويڪسينز اومي ڪرون تي صفا اثر نه ڪن پر ڪورونا جي هر قسم خلاف سڀ کان اثرائتو هٿيار ويڪسين لڳرائڻ ئي آهي.

هوڏانهن جرمن وائرولاجسٽ ۽ حڪومتي صلاحڪار ڪرسٽيان ڊروسٽن چيو آهي ته نئون قسم وڌيڪ تيزي سان پکڙجڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ شايد ان لاءِ ويڪسين کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي ضرورت پئي.

سندس چوڻ هو ته ان لاءِ نئين ويڪسين اپريل ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.