پاڪستان ۾ ايڏي مهانگائي ناهي ۽ دنيا جو سستو ترين ملڪ آهي: وزيراعظم

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان دنيا ۾ سستو ترين ملڪ آهي.

پشاور ۾ نيا پاڪستان ڪارڊ جي افتتاحي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته صحت ڪارڊ غريب ۽ وچئين طبقي لاءِ به آهي، اسان کي چيو ويو ته ڪٿي آهي نئون خيبر پختونخواهه؟

هن چيو اسان ڪي پي حڪومت آياسين ته صوبو دهشتگردي سان متاثر هو ۽ خوف هو، اسان امن امان جي صورتحال بهتر ڪئي ۽ غربت کي تيزيءَ سان گهٽايو سين، اسان جو مقصد پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان دنيا جو سڀ کان سستو ملڪ آهي ۽ هتي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ مهانگائي ناهي، عوام جون ڏکيائيون ختم ڪرڻيون آهن ۽ انهن کي سهولتون ڏيڻيون آهن، قرض جي مد ۾ ادائيگي نه ڪرڻي هجي ها ته وڌيڪ سٺا ڪم ڪيون ها.

وزيراعظم چيو ته اسان جي آمدني، ٽيڪسن ۽ برآمدن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، صنعتن جي بحالي ڏانهن وڃي رهيا آهيون، گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخواهه جي هر ضلعي ۾ ماڻهن کي صحت ڪارڊ ملندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.