سياري ۾ هلڪو گرم پاڻي پيئڻ جا بيشمار فائدا

 

سياري جي موسم ۾ گرم پاڻي پيئڻ جا ڪيترائي فائدا آهن، طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته سياري ۾ گرم پاڻي پيئڻ صحت لاءِ دوا جي حيثيت رکي ٿو.

طبي ماهرن موجب انساني جسم جو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو پاڻي تي ٻڌل آهي جنهن ۾ دماغ ۽ دل جو 73 سيڪڙو حصو پاڻي آهي، انساني جسم لاءِ پاڻي جو مناسب مقدار گھڻو ضروري آهي، ماهرن طرفان هر بيماري ۾ وڌ کان وڌ پاڻي جو استعمال به تجويز ڪيو ويندو آهي.

طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته سياري ۾ اُڃ نه لڳڻ سبب پاڻي جو استعمال گھٽجي ويندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هاضمي ۽ ٻين جسماني عضون بابت شڪايت وڌي ويندي آهي.

سياري ۾ به پاڻي جو مقدار گھٽ ۾ گھٽ 8 ڪلاس ڪرڻ گھرجي ۽ جيڪڏهن اهو مقدار هلڪي گرم پاڻي جو هجي ته جسم تي حيران ڪندڙ فائدا پاڻمرادو واضح محسوس ڪري سگھجن ٿا.

ماهرن موجب هر بالغ انسان کي ڏينهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 8 ڪلاس پاڻي ضرور پيئڻ گھرجي ۽ جيڪڏهن سادي پاڻي بدران هلڪو گرم پاڻي پيجي ته ان جا صحت تي 100 سيڪڙو هاڪاري نتيجا حاصل ٿين ٿا.

طبي ماهرن موجب سياري جي موسم ۾ وائرل انفيڪشن، موسمي بيماريون خاص ڪري نزلي، زڪام ۽ بخار کان بچڻ لاءِ جيڪڏهن هلڪو گرم يا ٿورو وڌيڪ گرم (ايترو گرم جو زبان نه سڙي ۽ پيئڻ ۾ سولائي ٿئي) ڪري استعمال ڪيو وڃي ته ان جا صحت تي فائدا 100 سيڪڙو وڌي وڃن ٿا.

جاپاني طبي ماهرن موجب گرم پاڻي جي نتيجي ۾ شديد مٿي جو سور (مائيگرين)، هاءِ بلڊ پريشر، رت جي کوٽ، جوڙن جو سور، دل جو ڌڙڪو يڪدم وڌي يا آهستي ٿي وڃڻ جهڙا فائدا فراهم ڪري ٿو جڏهن ته  مرگھي جو علاج به گرم پاڻي سان ئي ڪيو ويندو آهي.

ان کان سواءِ پيٽ جي ضدي چرٻي، ڪولسٽرول، شديد کنگھه، بيچيني، سهڪو، ڪاري کنگهه، رڳن ۾ چرٻي ڄمي وڃڻ سبب رت جي وهڪري ۾ رنڊڪ پيدا ٿيڻ، معدي جي تيزابيت، بک گھٽ لڳڻ ۽ هر بيماري جيڪا اک، ڪن، ڳلي سان لاڳاپيل هجي ان جو علاج گرم پاڻي سان ڪيو ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.