کپري ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي مناسبت سان ملهه ملاکڙي جا مقابلا

 

کپرو: ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان کپري ۾ ثقافتي ميلو ۽ ثقافتي راند ملهه ملاکڙي جا مقابلا ڪرايا ويا، صحافين پاران سجايل ثقافتي ميلي ۽ ملهه ملاکڙي جي پروگرام ۾ پ پ اڳواڻ امتياز حسن درس خاص مهمان طور شريڪ ٿيو، ان موقعي پ پ اڳواڻ امتياز حسن درس ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي تاريخي ثقافت تهذيب تمدن عظيم تر آهي اهڙي قسم جا ثقافتي ميلا لڳڻ سان ثقافتي راند ملهه کي به هٿي ملندي، ميلي ۾ مختلف سياسي سماجي ڌرين سميت هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي جڏهن ته مقابلن جي آخر ۾ ملهه پهلوانن کي انعام ڏنا ويا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.