پيرڳوٺ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ خلاف مظاهرو

پيرجو ڳوٺ؛(رپورٽر) پيرجوڳوٺ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ معجزاڻي طور بچي ويل شوروم مالڪ جي اڳواڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي ماڻهن جو  احتجاج، پوليس خلاف نعريبازي، خبرموجب، پيرجوڳوٺ ۾ 2 ڏينهن اڳ هٿياربندن جي فائرنگ م معجزاڻي طور بچي ويل شوروم مالڪ علي مردان جاگيراڻي، محمد علي جاگيراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاھرو ڪري ايس ايڇ او پيرجوڳوٺ خلاف سخت نعريبازي ڪئي، مظاھرين جو چوڻ هو ته 2 ڏينهن اڳ رحمت الله، صيفل، راشد جاگيراڻي ۽ ٻين اسان جي شوروم تي حملو ڪري اسان کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جو ڪيس پيرجوڳوٺ ٿاڻي تي داخل آھي ايس ايڇ او پيرجوڳوٺ گرفتار ٿيل جوابدارن کي مھمان طور ترسائي خدمت ڪري رھيو آھي جڏهن ته ڪيس ۾ ڄاڻايل ٻين جوابدارن کان پوليس ڳري رشوت وٺي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آھي ۽ هنن کي گرفتار نه پيو ڪيو وڃي جيڪا پوليس جي ناجائزي آھي، جيڪڏهن پيرجوڳوٺ پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.