فريد آباد ۾ جهيڙيندڙن وٽ ميڙ منٿ، ڌرين فيصلي لاءِ راضي

فريد آباد ( ن ع آ )  فريدآباد  لڳ ڳوٺ سيدپور ۾ خاصخيلي  برادري جي ٻن ڌرين اميرعلي خاصخيلي، صحافي منٺار خاصخيلي ۽ ٻئي ڌر غلام مصطفيٰ خاصخيلي وچ ۾ پاڻي ڪراس ڪرڻ تان جھيڙو  ٿيو ھو جنهن ۾  2 ڄڻا غلام مصطفيٰ خاصخيلي  ۽ امير علي خاصخيلي شديد زخمي ٿيا ھئا ،ڌرين کي فيصلي تي آمادھ ڪرڻ ، تڪرار جي نبيري لاءِ  ڌرين وٽ منٿ ميڙ قافلي ۾ علائقي جي سياسي سماجي علمي ادبي، صحافين ۽  پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جي صوبائي صدر مير روشن علي خاصخيلي، رفيق احمد خاصخيلي، رئيس نظير احمد خاصخيلي، محمد ڄام خاصخيلي،  صحافي ايڊووڪيٽ  معشوق چانڊيو احمدعلي چانڊيو ، پ پ اڳواڻ سميت وڏي تعداد ۾ صحافي منٺار خاصخيلي  جي تڏي تي پھتا شاندار ۽ زبردست  ميڙ کي  موٽ ڏني وئي، جڏهن ته ساڳي ڳوٺ ۾ ٻئي ڌر غلام مصطفيٰ خاصخيلي  جي تڏي تي پھتا ته ميڙ جو گلن سان شاندار استقبال ڪيو ،ڌريون فيصلي تي راضي ٿي ويا، ايندڙ آچر تي فيصلو ٿيندو ، ان موقعي تي پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جي صوبائي صدر  مير روشن علي خاصخيلي چيو ته جهيڙا سماج لاءِ ناسور آهن، جهيڙن سان ماڻهن کي  نقصان کان علاوه ڪجهه به ناهي ملندو جنهن سان ايندڙ نسل لوڙيندا آهن هن وڌيڪ چيو ته سنڌ امن جي ڌرتي آهي امن ۽ پيار سان  رهو ۽ پاڙي ڳوٺ وارن جو خيال رکو، ھوڏانھن ايڊووڪيٽ معشوق چانڊيو ميڙ منٿ قافلي جي چانھه پارٽي ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.