شادي پلي: سنڌ حڪومت عوامي ڀلائي جي هر ڪم کان انڪار ڪري آهي: گورنر سنڌ

گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو آهي ته سنڌ حڪومت صحت ڪارڊ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي حڪومت عوامي ڀلائي جي هر ڪم کان انڪار ڪري رهي آهي.

شادي پلي جي ڳوٺ ولي محمد مڱريو ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ۽ وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وزيراعظم عمران خان اسڪيم آندي آهي جنهن تحت عوام کي عام واهپي جي شين ۾ 30 سيڪڙو رعات ملندي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت صحت ڪارڊ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي حڪومت عوام جي ڀلائي جي هر ڪم کان انڪار ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.