کپرو: نعري ”سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“ جي سري هيٺ مچ ڪچهري ڪرائي وئي

کپري ڀرسان ڳوٺ نياز نگر ۾ عوامي آواز جي نعري ”سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“ جي سري هيٺ مچ ڪچهري ڪرائي وئي.

ثقافتي مچ ڪچهري ۾ شاعرن ذاڪر شر، عبدالرحيم درس، عاجز سميجو ۽ ٻين شاعران سنڌ ڌرتي تي لکيل شعر پڙهي سنڌ کي ڀيٽا پيش ڪئي جڏهن ته عالمي ايوارڊ يافته چاندي فقير چپڙي وڄائي ويٺل ماڻهن کان خوب داد وصول ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ جي ثقافت هزارين سال پراڻي آهي، ثقافتي ڏهاڙو عيد جيان ملهائي تمام گھڻي خوشي محسوس ڪيون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.