لاهور: اين اي 133 جي ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ اميدوار کي سرسي حاصل

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 133 جي ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ کي سرسي حاصل آهي.

اين اي 133 ۾ صبح 8 وڳي شروع ٿيندڙ پولنگ شام 5 وڳي تائين بنا وقفي جاري رهي، جنهن کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل شروع ٿيو.

ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هيل تائين جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب ن ليگ اميدوار شائستا پرويز ملڪ کي سرسي حاصل آهي.

254 مان 182 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب ن ليگ جي شائستا پرويز 37139 ووٽ کڻي اڳتي آهي، جڏهن ته پ پ جو اسلم گِل 23684 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.

واضح رهي ته اين اي 133 لاهور جي سيٽ ن ليگ قومي اسيمبلي ميمبر پرويز ملڪ جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي.

جشميد چيما ۽ سندس گهرواري جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ کانپوءِ تڪ ۾ پي ٽي آءِ جو ڪو اميدوار ميدان ۾ ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.