کاڌن جي ذائقي ۾ مرد عورتن کان اڳتي پر ڇو؟

 

مردن جي حوالي سان چيو ويندو آهي ته انهن جي هٿن ۾ عورتن کان وڌيڪ ذائقو هوندو آهي پر مردن جي هٿن ۾ ذائقو ڇو هوندو آهي؟ ان جو اهم سبب سامهون اچي ويو آهي.

مرد رڌڻي ۾ خرچن جي ڳڻتي کان بي پرواهه ٿي کاڌو پچائيندا آهن، جڏهن ته عورتن کي بجيٽ جي گهڻي پرواهه رهندي آهي، اهو ئي سبب آهي ته مرد جيڪو به کاڌو پچائيندا آهن، انهن جي کاڌن ۾ ذائقو گهڻو هوندو آهي.

ذائقي بابت سولي لفظن ۾ ڳالهه ڪجي ته چيو ويندو آهي ته زبان کان رڳو نڙي تائين جو مفاصلو ذائقو ٻڌائيندو آهي، مردن جي هٿن ۾ وڌيڪ ذائقو هوندو آهي، ان حوالي سان جيڪڏهن هتي ڳالهه ڪجي ته مرد جڏهن حليم يا ڪا ٻي شئي پچائيندا آهن ته اهو عورتن جي ڀيٽ ۾ جلدي پچي ويندو آهي ۽ انهن جي ڀيٽ ۾ سُٺو به پچائي وٺندا آهن.

نه رڳو ايترو پر مرد سبزيون به بهترين پچائيندا آهن ۽ ان سان گڏ انهن کي عورتن جي ڀيٽ ۾ تڪڙي وڍيندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.