جهول ۾ وڻ وڍڻ جي الزام هيٺ 7 ڄڻا گرفتار

جهول (ن ع آ) جهول ٿاڻي تي چوري وڻ وڍڻ جي اٺن ڄڻن تي ايف آئي آر گناھ نمبر 92 داخل جهول پوليس ستن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو خبر موجب جهول ٿاڻي جي راڻا چيڪ پوسٽ اڳيان  پيراڻو خان ڪيريو جي فرياد تي وڻ چوري جو ذوالفقار عرف نومي ڪيريو؛ نواب خان بروهي؛ موسیٰ بروهي؛ شوڪت بروهي؛ صدورو بروهي؛ ميوو بروھي؛ در محمد بروهي مبارڪ بروهي سميت اٺن ڄڻن تي ايف آئي آر گناھ 92 داخل جهول پوليس ستن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. فريادي پيراڻو خان ڪيريو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار طاقتور آهن منهنجا وڻ واڍي انسانيت جو قتل ڪيو آهي مونکي شڪ آهي ڪٿي گرفتار ٿيل جوابدارن پوليس ڇڏي ڏئي ھن وڌيڪ چيو منهنجا قيمتي وڻ وڍي مون سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي هن اعلي اختيارين گهر ڪئي آهي ته گهربل جوابدار کي گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.