ملير ۾ ثقافتي ڪاڄ، خاڪا پيش، سرن جي ورکا

ملير (ڊ ر) ملير ۾ ثقافتي عيد جا رنگ جرڪي پيا ملير پريس ڪلب ۾ شاندار ثقافتي تقريب، تقريب ۾ وڏي انگ ۾ سياسي،  سماجي، ادبي، صحافين ۽ ملير واسين جي شرڪت، سنڌ جي ناميارن راڳين ثقافتي گيت ڳائي محفل کي جهومائي ڇڏيو، اسڪولي شاگردن پاران ثقافتي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا. ملير ۾ ثقافتي عيد جا رنگ جرڪي پيا ان سلسلي ۾ ملير پريس ڪلب پاران شاندار ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو، ايم پي اي راجا رزاق بلوچ، ايم پي اي يوسف بلوچ، ايم پي اي شاهينا شير علي، اڳوڻو ٽائون ناظم سيد خدا ڏنو شاهه، ضلع ڪائونسل ڪراچي ايڊمنسٽريٽر نور حسن جوکيو، ڊي ايم سي ملير جو ايڊمنسٽريٽر رياض خطري، چيف ميونسپل آفيسر ثناء الله خان، ايس ايس پي ملير عرفان بهادر، ملير بار جي صدر لطف الله سيلڙو، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ امداد جوکيو، آغا طارق پٺاڻ، منظور بلوچ، آغا شير افضل خان، ڪبير مينگل، سماجي اڳواڻ عظيم ڪاڇيلو، ايس ٽي پي اڳواڻ خير محمد مگسي، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اڳواڻ اصغر باغي سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن کانسواءِ اديبن، شاعرن ۽ ملير واسين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ روشن تارا سيڪنڊري اسڪول جي ٻارن پاران ثقافتي ٽيبلوز پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو، جڏهن ته سنڌ جي ناليوارن راڳين استاد واحد لاشاري، فقير خالد حسين ڀٽي، گلشير چانڊيو ۽ ٻين قومي گيت ڳائي ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو، تقريب ۾ سنڌ جي ناليوارن سگهڙن جي پڻ شرڪت، ثقافتي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي محمد ساجد جوکيو چيو ته سنڌ هزارين سالن جي تهذيب رکندڙ سرزمين آهي، جنهن جا رهواسي ان تهذيب جا امين آهن، سنڌ تاريخ جو خوشحال خطو رهيو آهي ۽ دنيا ۾ وڏو واپاري مرڪز پڻ سنڌ ئي هئي، هن چيو ته ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جي تاريخ برقرار رکڻ تي ملير پريس ڪلب جي سٿ کي واڌايون پيش ڪجن ٿيون جن شاندار ثقافتي پروگرام ڪري ملير سميت سنڌ واسين کي ٻڌايو آهي ته اسين قلم جي جدوجهد سان گڏ ثقافتي حوالي سان پنهنجي قوم جي تشخص جا امين آهيون، هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران مختلف وقتن تي ثقافتي پروگرام ڪري پنهنجي قوم سان ٻڌي جو ثبوت ڏنو آهي، ايم پي اي يوسف بلوچ چيو ته سنڌ جي ثقافت شاندار آهي اسان کي هن عيد جي موقعي تي سنڌ ۾ تعليم جي شعبي کي سگهارو ڪيو ويندو ۽ پنهنجي ايندڙ مستقبل کي دنيا آڏو مقابلي لاءِ تيار ڪبو، ايم پي اي راجا رزاق چيو ته سنڌ صدين کان آهي ۽ ان جي تاريخي ثقافتي دنيا ۾ پنهنجو الڳ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي، اسان کي پنهنجي ثقافت تي ناز، ايم پي اي شاهينا شير علي چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي ثقافت سان بي پناهه محبت ڪري ٿو ۽ سنڌ جي ثقافت تي اسان سڀئي مان ۽ مرتبي سان ڏسون ٿا ۽ هن ڏينهن کي عيد جيان ملهايون ٿا، اڳوڻو ٽائون ناظم ۽ سياسي سماجي شخصيت سيد خدا ڏنو شاهه چيو ته جن ماڻهن سنڌ جي ثقافت ۽ ٻوليءِ تي تنز ۽ مزاق اڏاريو اڄ انهن جو نالو نشان ناهي اسان جي ثقافت اسان جي سڃاڻپ آهي جيڪا سڄي دنيا ۾ پنهنجو الڳ سڃاڻپ ۽ تهذيب ۽ تمدن ۾ اسين دنيا ۾ سڀ کان اڳيان آهيون اسان جي ثقافت ۽ ٻوليءِ تي ناز آهي.

  • ملير جيل جي قيدين به سنڌي ثقافت کي نه وساريو

ملير (ڊ.ر) ڊسٽرڪٽ جيل ملير ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڊي آئي جي جيل ڪراچي ناصر خان، جيل سپريٽينڊنٽ ارشد شاهه، سماجي اڳواڻن اصغر باغي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته ناليوارن راڳين استاد حنيف لاشاري، گلشير چانڊيو ۽ ٻين فنڪارن سُر وکيري قيدين کي جهومائي ڇڏيو، جيل جي قيدين سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪون پائي ثقافتي ڏهاڙي کي عيد جيان ملهائيندي خوشي جو اظهار ڪيو، ثقافتي تقريب کي خطاب ڪندي ڊي آئي جي جيل ناصر خان چيو ته هر سال جيان هن سال به ثقافتي ڏهاڙو عيد جيان ملهائي رهيا آهيون، هن چيو ته جيل ۾ قيد قيدين کي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ موقعو ڏنو آهي ته جيئن قيدي به خوشين ۾ شامل ٿي سگهن، جيل سپريٽينڊنٽ ارشد شاهه خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ميڊيا پاران ثقافتي ڏهاڙي جو سڏ ڏئي سنڌ واسين کي هڪ خوشي جو ڏينهن مهيا ڪيو آهي، جنهن ڏينهن تي ننڍا وڏا اجرڪون ۽ ٽوپيون پائي پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب سان محبت جو اظهار ڪندا آهن، هن چيو ته قيدي به انسان آهن قيدين کي ثقافتي ڏهاڙي جي خوشين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ملير جيل ۾ ثقافتي جي رنگا رنگ تقريب منعقد ڪئي آهي ته جيئن قيدي به ثقافتي ڏينهن کي ڀرپور نموني سان ملهائي سگهن، هن چيو ته اسين سنڌ حڪومت جا شڪر گذار آهيان جن اسان کي جيل ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي تقريب منعقد ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي، ارشد شاهه چيو ته ملير جيل کي اصلاح گهر ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تعليم ۽ تربيت سان گڏ ثقافتي پروگرام ڪري قيدين کي باعزت شهري بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ٻئي طرف ملير جيل ۾ قيد قيدين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسين تمام گهڻا خوش آهيون ائين لڳي رهيو آهي جيئن عيد جو ڏينهن هجي بلڪي عيد کان به وڌيڪ خوشي جو ڏينهن آهي اسين جيل سپريٽينڊنٽ سيد ارشد شاهه جا شڪر آهيون جن اسان کي جيل ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي تقريب ملهائڻ جي اجازت ڏيڻ سان گڏ اسان کي سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪون تحفي ۾ ڏنيون آهن، هنن چيو ته جيل جي دنيا ۽ ٻاهر جي دنيا ۾ وڏو فرق آهي اسين سنڌ جي نوجوانن کي پيغام ڏيون ٿا ته ڏوهن سان نفرت ڪيو علم سان پيار ڪيو ۽ معاشري جا سٺا شهري بڻجي پنهنجي ڌرتي ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪن.

  • فريدآباد ۾سنڌي ثقافت جا رنگ نکري پيا

فريدآباد ( ن ع آ ) گرلس ھاء اسڪول ۾ ” سرداري نظام نامنظور ” جي  عنوان ھيٺ پروگرام ٿيو پروگرام جي شروعات آپا نظيران سومرو قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي جنھن کان پوء تقريب کي شاگردياڻين سنڌ ۽ سنڌي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو ۽ تقريب ٿي تقريب کي شاگردياڻي طيبا سومرو خطاب ڪندي چيو ته اڄ جي ڏينھن تي اھا تقاضا نٿي ڪري سگھجي ته ان عزاز سان تقريرون ڪري ھو جمالا ڳائي پنھنجي قومي ٻولي ـ ثقافت سان گڏ تعليم کي وساري ڇڏجي  پنھنچي ثقافت کي زندھ رکڻ لاء پنھنجا سڀ اختلاف ۽ ويڇا ختم ڪري امن جو پيغام کڻي پنھنجي تعليم کي عام ڪرڻو پوندو اسان سنڌي قوم ۾ غيرت جي نالي تي  عورت کي قتل ڪيو وڃي ٿو وڏو الميو آھي ته سنڌ جي درسگاھن ۾ نائلا ۽ نمرتا جا لاش پيا نڪرن جن درسگاھن ۾ پيغمبري سيکاري وڃي ۽ انسانيت جا فرض پورا ڪيا وڃن انھن مان نوشين ڪاظمي جا لاش پيا نڪرن تقريب کي  ھيڊ ماسترياڻي آپا غلام فضان ـ آپا سلطانـ چنا ـ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته تعليم ذريعي ئي معاشرو ترقي ڪري ٿو علم جهالت جي خلاف هڪ وڏو هٿيار آهي  هنن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته اجرڪ ٽوپي مهمان نوازي سهپ رواداري صوفي ازم اسان جي ثقافت آهي دنيا جون مهذب سڌريل قومون ملڪ پنهنجي ثقافت سان پيار ڪن ٿيون هنن وڌيڪ چيو ته اسان سنڌي ميڊيا جا ٿورائتا آهيون جن اسان کي ثقافت ۽ تعليم جو ڏينهن ڏنو آهي اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردياڻين جي پروگرام ۾ پرفارمنس ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيا آهيون . جڏهن ته اسڪول جي شاگردن شاگردياڻين مسڪان جوڻيجو ،سپنا خاصخيلي ـ پارس خاصخيلي انم سيلرو ـ شرين سيلرو عطيا خاصخيلي ـ شمائلا بروھي پرويشا سيلرو  ۽ ٻين ٽيبلوز پيش ڪري قومي گيتن تي رقص ڪري سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪيو. ان کان اڳ طيبا سومرو ـ اسما ڏيرو  ۽ بين  تقريرون ڪري خوب داد حاصل ڪيو . ۽ اهو عزم ڪيو ويو ته 5 ڊسمبر تي ڀرپور نموني سان سنڌي ثقافت عيد ڏينھن ڪري ملهائيندا سين.

  • گمبٽ ۾ ثقافتي تقريب، شاگردن پاران ٽيبلوز پيش، گيتن تي رقص

گمبٽ(ن ع آ) گمبٽ جي مراد هاء اسڪول ۾ سنڌ جي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ شاگردن پاران ثقافتي ٽيبلوز ۽قومي گيتن تي شاندار رڪس ڪيو ۽ تقريرون پيش ڪيون، ثقافتي تقريب ۾ ناليواري صوفي راڳي راجن ڀٽي قومي گيت ڳائي ويٺو ماڻهن کي جومائي ڇڏيو، ان موقعي تي مراد هاء اسڪول جي استادن ۽ شاگردن گسٽا اڳواڻ استاد نور الدين پنهور مراد هاء اسڪول گمبٽ جو ھيڊماسٽر منظور گلال سيد مفتون شاھ ڪشور ڪمار، سعيد سڪندر منگي آڪاش ڪمار ۽ ٻين ڳالهائيندي  چيو ته سنڌ جي ثقافت هزارين سال قديم آهي سنڌي ميڊيا پاران علم پرايو سنڌ سواريون جي عنوان هيٺ جيڪي تقريبون ٿي رهيون آهن انهن سان تعليم کي هٿي ملندي، ھوڏانھن تقريب ۾ آيل سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن کي سنڌ جي ثقافت ٽوپي اجرڪ پهرايا ويا ۽ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي انعام ڏنا ويا.

  • دولتپور ۾ ثقافتي ريلي، شاگردن  پاران قومي گيتن تي رقص

دولتپور صفن (ن ع آ)  گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج دولتپورصفن جي انٽر جي شاگردن طرفان فسٽيئر جي شاگرن کي دولتپورصفن  پريس ڪلب کان ريلي جي صورت ۾ گلن جا هار پارائي ڌهلن شرنائين سان آجياڻو ڏئي ڊگري ڪاليج ۾ سندن شاندار استقبال ڪيو ويو ، ثقافتي پروگرام ڊگري ڪاليج ۾ منعقد ڪيو ويو ، تعليم پرايو – سنڌ سنواريو بابت شاگردن طرفان تقريرون پڻ ڪيون ويون ، جڏهن تہ شاگردن مختلف ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ۽ سنڌي گيتن تي رقص ڪيو ، بوائز ڊگري ڪاليج جا خاص مهمان دولتپورصفن پريس ڪلب جا صحافي هئا ، ثقافتي پروگرام جي صدارت ڊگري ڪاليج جي پروفيسر ارشاد اوٺو ڪئي.

  • اسلام ڪوٽ جي اسڪول ۾ ثقافتي تقريبون

اسلام ڪوٽ (ت ر)اسلام ڪوٽ جي مختلف اسڪولن ۾ ثقافتي تقريبون،قومي گيتن تي رقص،ٽيبلوز،اڄ مُک ريلي نڪرندي،خبرموجب:اسلام ڪوٽ جي مختلف اسڪولن ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريبون ٿيون،اُنهي سلسلي ۾ مين پرائمري اسڪول،هريجن ڪالوني اسڪول ۽ آڪسفورڊ پبلڪ اسڪول ۾ تقريبون ڪوٺايون ويون،مختلف تقريبن ۾ استادن قربان علي اُنڙ،اڳوڻ اي ڊي اي او ولي محمد بجير،ڪلارام ميگهواڙ،پريتم ميگهواڙ،شنڪرلال ميگهواڙ،هشمت راءِ،نريش ڪمار،نارائن داس ۽ ٻين استادن سميت اسڪولن جي شاگردن شرڪت ڪئي،تقريب دوران ٻارڙن قومي گيتن تي رقص ڪري جهمريون هنيون ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا ويا،ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان اڄ پريس ڪلب اسلام ڪوٽ کان مُک ريلي نڪرندي،جنهن ۾ سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن جا شاگرد،اُستاد،شهري،سياسي سماجي اڳواڻ،واپاري،شاعر،اديب،سول سائيٽي جي اڳواڻن،صحافين هر ماڻهو شرڪت ڪندو،ريلي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

  • باڊهه ۾ ثقافت جا تجلا، هر طرف اجرڪ ۽ ٽوپي  جي نکار

باڊهه (ن ع آ ) سنڌي ثقافتي هفتي ملهائڻ واري روايت کي جاري رکندي ايس ٽي پي پاران آفيس تي ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو ويو. ثقافتي پروگرام ۾ ايس ٽي پي اڳواڻن ڪامريڊ قادر بروهي، ڪامريڊ اصغر نوناري، شمس الدين پنهور، عالم بروهي، صفر مغيري، ڪوڙل ملاح، باڊهه پريس ڪلب صدر زيب علي ساريو، سينيئر صحافي نظام ڪولاچي، نور محمد هيسباڻي، ساس سيڪريٽري غلام محمد ڀٽي، محمد امين سيال، جي ايم چنجڻي، طاهر نور هيسباڻي، پي ٽي آئي اڳواڻ ذوالفقار نوناري، شهمير گوپانگ، محبوب سيوهاڻي، ديدار نوناري، سليم ساريو، ڪوڙل ملاح، ظفر پنهور، منظور نوناري، شهزادو لاکير، غلام نبي لنڊ ۽ ٻين شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته محبوب سيوهاڻي ثقافتي گيت پيش ڪري ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو ۽ پروگرام جي آخر ۾ آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا ويا.

  • گلشن حديد جي دي سمارٽ اسڪول ۾ ثقافت پروگرام

ملير (ڊ ر) ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ملير جي گلشن حديد ۾ قائم دي سمارٽ اسڪول ۾ شاندار ثقافتي ڏهاڙي جو پروگرام  منعقد ڪيو ويو، تقريب ۾ ايم پي اي شاهينا شير علي، اسڪول جي ايڊمنسٽريٽر مهتشم حسين، پيپلز پارٽي جي اڳواڻن مير عباس ٽالپر، امداد جوکيو، آغا طارق پٺاڻ، صعيب شاهد کانسواءِ اسڪول جي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪيا، ثقافتي تقريب کي خطاب ڪندي ايم پي اي شاهينا شير علي چيو ته سنڌ جي ثقافت هزارين سالن جي قديم تهذيب آهي، سنڌ هميشه پيار ۽ محبت جو درس ڏنو آهي، اهو ئي سبب آهي ته سنڌ جي عظيم ڌرتي تي هزارين درويش ۽ صوفي ڌرتي جي سيني ۾ دفن آهن، انهن صوفين ۽ درويشن هميشه هتي پيار محبت ۽ ڀائيچاري جي پرچار ڪئي، جنهن جي ڪري اڄ هزارن جي تعداد ۾ انهن جا پوئلڳ ڌرتي تي موجود آهن، هن چيو ته اسان کي فخر آهي ته اسان سنڌ ڌرتي تي جنم ورتو آهي، هن چيو ته منهنجو پيغام آهي ته سنڌ جي نياڻين کي خاص ڪري تعليم ۽ شعور ڏنو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي تاريخي قوم جي مستقبل جو بهتر نموني سان بنياد رکي سگهن، هن چيو ته علم ذريعي اسان پنهنجي ثقافت ۽ ڌرتي کي بچائي سگهون ٿا.

  • ڏهرڪي جي اسڪول ۾ ثقافت ميڙاڪو، شاگردن جي شرڪت

ڏھرڪي (ت ر)  ڏھرڪي جي خانگي دي ليڊر اسڪول ڏھرڪي ۾ سنڌ جو ثقافتي ڏھاڙو شاندار نموني سان ملھائڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي. جنھن ۾ استادن شاگردن، شاگردياڻين توڙي والدين ثقافتي لباس پھري شريڪ ٿيا. ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين تقريرون ڪيون ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا جڏھن تہ ٻارن قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو تقريب ۾ اسڪول جي پرنسيپل استاد مشتاق ملڪ، مشتاق لاشاري ۽ ٻين چيو ته سنڌي ثقافتي ڏھاڙو عيد جيان هن سال به ڀرپور نموني ملهايو ويندو. 5 ڊسمبر تي سموري سنڌ سان گڏجي ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهائينداسين. هنن چيو ته سنڌ جي ثقافت هزارين سال قديم ۽ شاهوڪار آهي اسان کي ترقي لاءِ تعليم تي به توجه ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي. تہ جيئن اسين تعليمي معيار ۾ بہ ٻين کان اڳتي نڪري سگھون.

  • عثمان هڙي جي اسڪول ۾ سرداري نظام خلاف گونج

عثمان شاھ ھڙي ( ن ع آ ) عثمان شاھ ھڙي جي گورنمينٽ پرائمري  اسڪول ٽنڊوسومرو  اسٽاپ تي سنڌ ميڊيا جي سڏ تي 5 ڊسمبر ثقافتي ڏهاڙو جي سلسلي ۾ اسڪول ۾ شاندار ايڪتا تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ اسڪول جي استادن سميت وڏي انگ م  شاگردن ۽ والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ آيل مھمانن کي ميزبان پاران سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا تقريب ۾ بھرين ڪارگردي ڏکاريندڙ شاگردن قومي ڏھاڙي جي حوالي سان بھترين تقريرون ۽ قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري خوب داد وصول ڪيو ء شاگردن جهمريون هڻندي سنڌي گيت گهاياا ان سلسلي ۾ جهنڊومري جي پرائمري اسڪول جي ٽي او جهنڊومري سيد آفتاب شاھ  ٽي اي او نذير جاج سراج ۽  بشير احمد سومرو آئي بي اي هيڊماستر ڪرشن ڪمار چارڻ هيڊ ماستر  رياض عمراڻي ، ذولفقار علي آرائين ء ٻين ميڊيا جي نمائيندن سان ڳالهائيندي چيو ته  سنڌ جي ثقافت تمام قديم آهي سنڌ اسان جي ماءُ ۽ ان جي ثقافت اسان جي عزت آهي ان جي ھر صورت ۾ مالڪي ۽ حفاظت ڪندا رھنداسين ھي ڏھاڙو اسان عيد جيان ملھايندا آھيون سنڌي پرنٽ ميڊيا جس لھي ٿي جنھن جي سڏ تي ثقافتي ڏھاڙو جو اعلان ڪيو 5 ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙو اسان عيد جي ڏينهن جيان ملھاينداسين.

  • ٽنڊي آدم ۾ ثقافتي ريليون، سرن تي ناچ

ٽنڊوآدم ( ن ع آ ) ٽنڊوآدم ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان سٽي ھايئر سيڪنڊري اسڪول۽ جمعيت علماء اسلام پاران ريليون قومي گيتن تي جهمريون رپورٽ موجب  ٽنڊوآدم ۾ ثقافتي جي ڏهاڙي جي حوالي سان سٽي ھايئر سيڪنڊري اسڪول پاران مرزا شفاق بيگ ، دلدار غوري، غلام قادر کوسو ۽ جمعيت علماء اسلام پاران قاري نظر محمد ۔ حاجي محمد هاشم خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ريليون ڪڍيون ويون جيڪي پريس ڪلب پهتيون   جن ۾  شاگردن ۽ استادن  جي وڏي انگ سميت جمعيت علماء اسلام جي ڪارڪنن  شرڪت ڪئي  سنڌي ويس وڳا پاتل  شاگردن قومي گيتن تي جهمريون هنيون ان موقعي تي  اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ثقافت جيڪا 5 هزار سال پراڻي آھي تمام شاھوڪار ثقافت آھي اسين پنھنجي ثقافت جو ڏھاڙو سڀاڻي ڀرپور انداز ۾ ملھاينداسين.

  • اڪري چودڳي ۾ ثقافتي تقريب، جهمريون

اڪري چودڳي (ن ع آ) اڪري ڀرسان سيف جي تعاون سان هلندڙ العزيز ماڊل هاء اسڪول کنياري ۾ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي اعلان سرداري نظام نامنظور جي سري هيٺ شاندار تقريب منقعد ڪئي ويئي تقريب ۾ اسڪول جي شاگردن شاگردياڻين  پاران رنگ برنگي ثقافتي ويس ڍڪڻ سبب اسڪول ۾ ثقافتي رنگن جي بهارلڳي ويئي تقريب ۾ شاگردن قومي گيتن سهندو ڪير ميار او يار سنڌ منهنجي امان ۽هو جمالو سميت ٻين قومي گيتن تي رقص ڪري تقريب کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيا تقريب ۾ شاگردن سنڌ ڌرتي جي مکيہ مسئلن پاڻي،تعليم،صحت ۽سرداري نظام،نياڻين جي تعليم،اسڪولن  سميت ٻين ٻرندڙ مسئلن تي معلوماتي ٽيبلوز پيش ڪري تقريب موجود ماڻهن کان واھ واھ ڪرائي ڇڏي ۽ڀرپور داد حاصل ڪيو علامتي شادي،ڀرت ڀرڻ جا طريقا،ڳوٺاڻو ماحول اوطاقن ذريعي مهمان نوازي سميت مختلف ثقافتي سرگرمين وارين شين جي پينٽنگ ذريعي عڪاسي پڻ ڪئي ويئي  تقريب دوران اسڪول انتظاميہ پاران مختلف ثقافتي شين رليون ونجڻا،وهاڻا اجرڪ پنڊيون،ڀرت ڀريل لباس جا اسٽال پڻ لڳايا ويا جن ۾ تقريب ۾ موجود حاضرين گهري دلچسپي سان گڏ شاگردن جي محنت کي پڻ ساراهيو شاگردياڻين پاران گهران تيار ڪري آندل ساڳ ،بسريون،پلاء سميت مختلف طعام پڻ آڻي استادن کي تحفي طور پيش ڪيا.

  • بدين ۾ثقافتي سرگرميون ، اسڪول ۾ تقريب، شاگردن پاران رقص

بدين  ( ڊ ر ) پوري سنڌ جيان بدين ۾  به ثقافتي سرگرميون عروج تي پهتل. ان سلسلي۾  ڀٽائي پبلڪ اسڪول  ڳوٺ عالم خان کوسو ۾ ثقافتي ڏينهن وڏي جوش جذبي سان ملهايو ويو،جنهن ۾ استادن شاگردن معزز مهمانن۽ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي. عوامي  آواز سرداري نظام کان چوٽڪاري  جي سڏ  تعليم پرايو سنڌ سنواريو تحت  ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو جنهن ۾ ڳوٺاڻن ٻارڙن جي والدين سماجي ادبي سنگت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ اسڪول جي  اسٽاف  سميت وڏي انگ ۾ اسڪول جي اسٽاف شرڪت ڪئي. علم روشني آهي علم هڪ لاٽ جا پيغام ڏيندي چيو ته پنهنجي اولاد کي ديني تعليم سان گڏ دنيا واري تعليم ڏياري وڃي. شاگردن خوشي ۾ ٽيبلوز گيت شاعري،  تقريرون ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

  • ڪراچي جي ماروئڙا ڳوٺ ۾ ثقافتي ريلي، رقص

گلشن اقبال (ن ع آ) عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سرداري نظام مان ڇوٽڪارو واري سڏ تي  پاڪستان پيپلز پارٽي پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن ماروئڙا ڳوٺ يوسي 30 مان سنڌي ثقافتي ريلي نور حسين چانڊيو سعيد سولنگي اوشاق سومرو جي اڳواڻي ۾ ماروئڙا ڳوٺ جلباڻي چونڪ کان پيپلز يوٿ آرگنازيشن جي آفيس عبدالله شاهه غازي ڳوٺ تائين هڪ شاندار ثقافتي ڪڍي  وئي جنهن ۾ وڏي علائقي واسين شرڪت ڪئي ان موقعي تي نور چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سرداري نظام سنڌ لاءِ ناسور آهي ان جي خاتمي ۾ ئي سنڌ جي نجات آهي.

  • ڏوڪري به ثقافتي رنگن ۾ رنگجي وئي، ريليون ۽ ميڙاڪا

ڏوڪري (ن ع آ) ڏوڪري ۾ ثقافتي عيد جي حوالي سان سرگرمين جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي شهر ۾ هر طرف ثقافتي رنگ نکري پيا آهن  ٽوپين ۽ اجرڪن جو وڪرو وڌي ويو آهي.ان ڏس ۾ سنڌي ميڊيا پاران 5 ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان جي ڏوڪري جي سياسي سماجي، ادبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين آجيان ڪري ثقافتي ڏينهن قومي عيد جو ڏينهن ڪري ملهائڻ جون تياريون تيز ٿي ويون آهن ان موقعي تي سياسي سماجي پ پ سٽي صدر قاضي جميل احمد جوڻيجو، جسقم اڳواڻ رڪ سنڌي، علي اصغر ميمڻ، چئمبر آف ڪامرس جي صدر عبدالحميد جيسر، مظهر گلال، حاڪم منگي، قاضي عابد علي، عبدالغفار گلال، نياز سومرو،  ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ثقافتي جو ڏهاڙو 5 ڊسمبر سنڌ ڌرتيءَ جي ثقافت ۽ ٻوليءَ کي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ ثقافتي جو ڏينهن ملهائڻ سٺو ۽ بهترين عمل آهي. هنن جو چوڻ هو ته ثقافتي جو ڏينهن ملهائڻ سان نه صرف سنڌ پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي ثقافتي لباس اوڍي ثقافتي  تقريبون ڪن ٿا جنهن سان سڄي دنيا ۾ سنڌ جي ثقافت اجاگر ٿئي ٿي.

  • ثقافت محبت وکيرڻ جو نالو آهي:نعيم اعواڻ

ڪورنگي (ت ر) ڪورنگي مهراڻ ميڊيا سينٽر جي صحافين کي سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان بلاول هائوس ڪراچي ميڊيا ڪنسلٽنٽ پ پ اڳواڻ نعيم اعواڻ پاران اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا .پ پ اڳواڻ نعيم اعواڻ مهراڻ ميڊيا سٿ جي صحافين فدا جمالي. دلدار سيلرو. سيف الله مگسي . مدثر . اياز جمالي ۽ ٻين کي اجرڪون اوڍائڻ جي  موقعي تي ڳالهائيندي چيوته ثقافتي ڏينهن هڪ  ٻئي سان محبتون ۽ خوشيون وکيرڻ جو تهوار آهي جنهن ۾ بنا ڪنهن رنگ نسل سياسي اختلافن جي سمورا ماڻهو مرد. عورتون توڙي ٻارڙا ثقافتي لباس پائي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي پنهنجي قديم تهذيب ۽  ڪلچر کي رنگ برنگي ٽوپن ۽ اجرڪن سان سرشار ٿي ملهائي دنيا کي اهو پيغام ڏين ٿا ته سنڌ ڌرتي  امن  پيار ۽ تهذيب واري صوفين بزرگن جي ڌرتي آهي جنهن ۾ رهندڙ ماڻهو پنهنجي هزارين سال قديم  ثقافت تهذيب تمندن جا  وارث آهن ثقافتي ڏهاڙو   خاص هجي ٿو جنهن ۾ هر  مڪتب فڪر جا ماڻهو شامل ٿي رواداري جو مظاهرو ڪن ٿا . ثقافتي ڏهاڙو سنڌ پوري ملڪ سان  گڏ آمريڪا. ڊبئي. ڪئنيڊا متحده ارب امارات  سميت پوري دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ملهايو پيو وڃي. هر قوم کي پنهنجي ثقافتي ورثن جي اهڙي ريت پرچار ڪرڻ گهرجي جيئن سنڌي ماڻهن ڪئي آهي .

  • سجاول ۾ثقافت جا رنگ، جاڳرتا ريلي

سجاول (ڊ ر) سجاول ۾ پرائمري اسڪول مدرسہ ھاشميہ  جي سوين شاگردن ۽ استادن پاران ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي کان اسڪول جي هيڊماستر اعجاز علي خليفو ۽ استادن غلام مصطفي شاھ بخاري ، محمد صالح کٽي ، محمد عثمان چنڊاڻي جي اڳواڻي ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف چوڪن کان ٿيندي پريس ڪلب سجاول پهتي جتي شاگردن پاران گيتن تي رقص ڪيو ويو، انهي موقعي تي اسڪول جي شاگرد ۽ استادن خطاب ڪندي چيو ته ڪئي ھنن چيو تہ  سنڌ مان سرداري ۽ وڏيرڪي نظام جي خاتمي لاءِ تعليم ضروري آهي جنهن ڪري پنهنجي ٻارڙن کي وڌ کان وڌ تعليم ڏياري وڃي ته جئين اسان جي قوم جو مستقبل روشن ٿي سگهي.

  • شڪارپور ثقافتي رنگن ۾رنگجي ويو، اسڪول ۾تقريب

شڪارپور (ڊ  ر)  سڄي سنڌ جيان شڪارپور  به ايڪتا جي رنگن ۾ رنگجي ويئي، شھيد الله بخش سومرو ماڊل اسڪول ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي دلڪش تقريب ٿي گذري، اسڪول جي شاگردن معاشري جي مختلف مسئلن تي خاڪا پيش ڪيا، قومي گيتن تي جهمريون هڻي رقص ڪيو ويو، ٻارڙن جي وچ ۾ تقريري ۽ ذھني آزمائش جا مقابلا ٿيا، اسڪول جي پرنسپال آغ افھيم احمد چيو ته ھنن پروگرامن جي ذريعي شاگردن ۾ پنھنجي تاريخ، ڪلچر ۽ ٻوليءَ جي ڄاڻ ۽ محبت ۾ اضافو ٿئي ٿو، اسڪول جي ڊائريڪٽر عبدالحليم مھر خطاب ڪندي چيو ته ڪلچر صرف ٽوپي ۽ اجرڪ پائڻ ڪونھي، ڪلچر ھڪ وسيع معني وارو لفظ آهي، جنھن ۾ تاريخ، ٻولي، ريتون رسمون قومي ڪردار ۽ فن ۽ فڪر سميت تمام شيون اچي وڃن ٿيون، ان ڪري اسانکي پنھنجي ڪلچر جي سڀني مثبت پاسن سان محبت ۽ منفي پاسن  کان پري رھڻ گھرجي.  آخر ۾ ھو جمالو تي استادن ۽ شاگردن گڏجي جھمر کيڏي ۽ ٻارڙن ۾ چاڪليٽ ورھايا ويا.

  • ٺٽي ۾ثقافتي تقريبون، ريلي ڪڍي سنڌوءَ ۾گل نڇاور

ٺٽو(ڊر) سنڌ ملاح فورم ضلعي ٺٽي طرفان سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي کي ڀرپور نموني ملھائڻ جي سلسلي ۾ ٺٽي مان دولھ درياءِ خان پل سنڌو  درياءُ تائين ملاح اڳواڻ آدم گندرو، وڏيرو محمد عرس گندرو، محمد ايوب ملاح، محمد خان ملاح، نانا  گندرو، يار محمد گندرو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سنڌو درياءُ ۾ گل نڇاور ڪري سرداري نظام خلاف جدوجھد ھلائڻ جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي ثقافتي ريلي کي خطاب ڪندي ملاح اڳواڻ آدم گندرو، محمد ايوب ملاح، محمد عرس گندرو، محمد خان ملاح ۽ ٻين چيو تہ زندہ قومون پنھنجا ثقافتي ڏھاڙا جوش جذبي سان ملھائي دنيا کي اھو پيغام ڏينديون آھن تہ ھو پنھنجي ثقافت سان ڪيترو پيار ڪن ٿيون. ھنن چيو تہ سنڌ جي 5 ھزار سال پراڻي ثقافتي تاريخ ھجڻ سان گڏ دنيا جي ٻين ثقافتن کان نرالي آھي، جنھن جي تھذيب ۽ تمندن کي اجاگر ڪريون پيا. ھنن چيو تہ سنڌو درياء ۾ پاڻي نہ ھجڻ ڪري ماھيگير بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻيل آھن، سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي بہ نٿو ملي. ھنن چيو تہ سنڌ جا سردار غريب عوام جو استحصال ڪري رھيا آھن، سرداري نظام راڄ قائم ڪري مسڪين ماڻھن کي ھيسائي انھن جي ملڪيتن ۽ روزگار تي قبضا ڪرائي رھيا آھن، جلد سرداري نظام خلاف ڀرپور تحريڪ ھلائي ويندي. ھنن گھر ڪئي سنڌو درياء ۾ پاڻي ڇڏي سنڌوءِ جون موجون واپس موٽرائي ماھيگيرن جو روزگار بچائي سنڌ کي ھميشہ خوشحال بنايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.