ڏوڪري ڀرسان شادي جي تقريب ۾فائرنگ،نوجوان مارجي ويو

ڏوڪري ( رپورٽ : قاضي آفتاب ) ڏوڪريءَ ۾ هڪ شادي تقريب دوران ڪيل فائرنگ ۾ هڪ نوجوان کي گولي لڳڻ بعد شاديءَ جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آهن. ڏوڪريءَ ويجهو ڳوٺ ڳجهڙ ۾ رات دير سان هڪ شادي تقريب دوران خوشيءَ ۾ ڪيل فائرنگ ۾ ڳوٺ دوست محمد جلباڻي جي 16 ورهين جو رهواسي نوجوان علي خان جلباڻي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. زخميءَ کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ ڏوڪري اسپتال آندو پئي ويو ته رستي ۾ فوت ٿي ويو. ڏوڪري اسپتال ۾ ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جو ابتدائي طور ڪو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. ٻئي طرف نوجوان جو لاش گهر ۾ پهچڻ تي شاديءَ جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آهن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سوڳ واري صورتحال آهي. هوڏانهن ڏوڪري پوليس جو چوڻ هو ته ڳوٺ ڳجهڙ ۾ عقيل جوڻيجو جي گهر ۾ شادي جي تقريب هئي جنهن دوران هي واقعو پيش آيو آهي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.