پي ٽي آءِ ملڪ کي آءِ ايم ايف حوالي ڪيو آهي: خورشيد شاهه

سکر( رپورٽ:اظهر علي دايو) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اپوزيشن ليڊر، پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ، ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاھ  چيو آھي ته گورنر پنجاب چوڌري سرور جي انڪشاف مان ثابت ٿي ويو آھي ته پي ٽي آء حڪومت ملڪ کي آء ايم ايف حوالي ڪري ڇڏيو آھي. ملڪ جا وسيلا آء ايم ايف حوالي ڪرڻ ملڪ لاء خطرناڪ آھي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي نوٽيس وٺڻ گھرجي. اهڙو اظهار هن سکر ۾ پنهنجي رهائش گاھ تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. سيد خورشيد شاھ جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت جا پنهنجا ماڻھون ئي پنڊورا باڪس کولن پيا. اسان قرض وٺندا هئاسين ته لاهيندا به هياسين پر عمران خان ته اڳ ڪشمير ڏئي ڇڏيو ۽ هاڻي ملڪ کي به ڏيڻ چاهي ٿو. ننڍين عمارتن تي ٿيل قبضن جو ته جلد نوٽيس ورتو وڃي ٿو پر گورنر پنجاب جو انڪشاف سنگين معاملو آھي سپريم ڪورٽ کي بنا دير نوٽيس وٺڻ گھرجي ۽ خزاني واري وزير کان معاهدن جا تفصيل وٺڻ گھرجن. ھن چيو تہ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي خودختياري وارو ڪيل فيصلو به ان جي ڪڙي آھي۔ حڪومتي ميمبرن جو ته ڪوبه نقصان نه ٿيندو اهي ته ٻاهر هليا ويندا پر نقصان ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جو ٿيندو۔ سيال ڪوٽ واقعو افسوسناڪ آھي حڪومتي رٽ ئي نظر نه ٿي اچي حڪومت ڪجھ ڪرڻ ئي نٿي چاهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.