گهوٽڪي لڳ ٽرالر جي ٽڪر ۾ ڊرائيور فوت

گهوٽڪي( ڊ ر ) گهوٽڪي جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد موٽر وي تي صبح جو سويري ٽرالر ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر نتيجي ۾35 سالن جو  ملتان واسي فوت ،لاش اسپتال منتقل ،ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن ڏانهن موڪليو ويو ،خبر موجب گهوٽڪي جي بي سيڪشن واري حد موٽر وي تي صبح جو چئين وڳي ٽرالر ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽرالر ڊرائيور ملتان واسي 35 سالن جو لياقت علي ولد مشتاق احمد ملڪ فوت ٿي ويو ،لاش پوليس کڻائي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.