فريد آباد ڀرسان زمين جي مالڪي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو ڌڪي

فريدآباد ( ن ع آ ) فريدآباد  لڳ ڳوٺ سوجهروميرواڻي ۾ زمين جي مالڪي تان لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ـ فائرنگ ـ گولي لڳڻ ڪري ھڪ ڄڻو رياض پٽ وريل لاشاري سخت زخمي ٿي پيو زخمي کي وارث تعلقا اسپتال کڻائي ويا زخمي جي حالت خراب هجڻ ڪري لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي  اطلاع ملندي فريدآباد  پوليس جاء واردات تي پھچي جائزو ورتو ـ  جڏهن ته ڌريون مورچا بند علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇانيل وڌيڪ خونريزي جو انديشو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.