ٽائون ملازمن جا مطالبا منظور نه ٿيا، احتجاجي مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا ) مڪاني کاتي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ مختلف شهرن ۾احتجاجي مظاهرا ڪيا، ان سلسلي  ۾مليل ڄاڻ موجب لاڙڪاڻو، خيرپور، وارهه، ڏهرڪي ۽ ٻين شهرن ۾احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڏوڪري ۾ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن رضوان سولنگي، فياض سومرو، قاضي ڪفايت ﷲ، زاهد ميراڻي، نديم جوڻيجو، نظير ڀان، ارشاد ڀان، ماجد ڀٽو، عبدالطيف ڏيرو،ڀاڳيو جوڻيجو، ديدار ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڇهين  ڏينهن به آفيس کي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڏوڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن کي نظر انداز ڪري رهي آهي. هنن چيو ته اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري ملازمن کي احتجاج ڪرڻ تان حراسان ڪري ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هنن چيو ته ملڪ جي ٻين صوبن ۾ لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن کي آن لائن پگهارون سميت سموريون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن سنڌ صوبي ۾ لوڪل گورنمينٽ جا ملازم مسلسل نظر انداز ٿيندا پيا اچن هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير لوڪل گورنمينٽ جي ملازم جون آن لائن پگهارون ڪيون وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.