لاڙڪاڻي۾مبينا تشدد ۾ زخمي ٿيل نينگر ڪراچي ۾ فوت، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ چار مهينا اڳ مبينا قتل ٿي ويل 16 سالن جي نوجوان سمير بروهي جو 13 سالن جو ڀاءُ جميل بروهي  ڪراچي جي سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو سندس امڙ پنهنجي پٽ کي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪرڻ جو الزام ساڳين ئي بااثرن مٿان لڳائيندي احتجاج ڪندي ٻنهي پٽن جي خون سان انصاف جي گهر ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن کيس انصاف نه مليو ته هو پاڻ کي گهر ڀاتين سميت ساڙي خودڪشي ڪندي، پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسي عورتن پاڪ ڪتاب کڻي مبينا طور قتل ٿي ويل ٻن سڳ ڀائرن جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ايس ايس پي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي عورت شبانه بروهي پنهنجي ڀيڻ گل زيب ۽ ٻين وارثن سان گڏجي قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيندي روئيندي رهي جنهن دوران هوءَ بيهوش ٿي پئي ته اتان گذرندڙ ماڻهن کيس آٿت ڏئي هوش ۾ آندو.

  • ڪنگري  ڀرسان ڊرائيور يرغمال، ڪيلن سان ڀريل ڊاٽسن ڦر

پيرجوڳوٺ ( ن ع آ) ڪنگري جي ڪچي جي ڳوٺ گل حسن مڱڻيجو وٽ 15هٿياربندن   جديد هٿيارن جي زور تي ڪيلن سان ڀريل ڊاٽسن بيهاري ڊرائيور علي حسن شيخ کي يرغمال بڻائي جهنگ ۾ ٻڌي ڇڏيو ۽ ڊاٽسن ڪاهي فرار ٿي ويا ۔ان سلسلي ۾  ڳوٺ الهورايو شيخ جي رهواسي ڊرائيور ٻڌايو ته 15 هٿياربندن مون کي ڪيترائي ڪلاڪ  يرغمال بڻائي ڪيلن سان ڀريل ڊاٽسن ڪاهي ويا آهن ۔ڊاٽسن مالڪ بادشاهه شيخ پاران  برادي جتوئي ٿاڻي تي الاع جيو پوليس ڄاڻايل  هنڌ پهچي هٿياربندن جا پيرا کنيا هٿياربند سنڌو درياء پار ڪري  ويا جنهن بعد پوليس واپس ٿي آهي ۔ اهڙو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ان سلسلي ۾ آبادگارن احتجاج ڪندي چيو ته ڏوهاري جاروايون تيز ٿي ويون آهن ڳوٺاڻا توڙي ڪاروباري ماڻهو خوف واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهيون هنن ڦرٿيل ڊاٽسن جي واپسي جو مطالبو ڪيو آهي.

  • ڪنب ڀرسان ھمراھ کي  ڇتي ڪتي ڏاڙھي  وڌو، اسپتال منتقل

ڪنب (ن ع آ) ڪنب ڀرسان يوسي جھنڊو مشائخ جي ڳوٺ ڳٺ راڄپر ۾ رستي ويندڙ ڳوٺاڻي   لاھي بخش راڄپر کي رولو ڪتن ڏاڙھي  زخمي ڪري ڇڏيو  ڪتي ڏاڙھيل زخمي کي ويڪسين لاء  راڻيپور  اسپتال نيو ويو ياد رھي ته يوسي جھنڊو مشائخ ۾ رولو ڪتن جو وڏو آزار آھي ڪتن جي ڏاڙھڻ جا واقعا روز جو معمول بڻيل آھن ھتان جي رھواسين لاڳاپيل ادارن کي يوسي جھنڊو مشائخ ۾ ڪتي مار مھم ھلائڻ جي اپيل ڪئي آھي.

  •  لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي ٿڌ ۾ واڌ، ٽي هيروئني فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ٿڌ ۾ واڌ کان پوءِ هيروئن جا عادي فوت ٿيڻ لڳا، ٻن ڏينهن دوران 3 هيروئني  ٿي ويا جن جا لاش ايڌهي انتظاميه طرفان دفنايا ويا آهن. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ٻاهريان پارڪنگ واري احاطي ڀرسان قائم باغ ۾ هيروئني جو لاش ڏسي مريضن جي وارثن حد جي ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي بعد ايڌهي رضاڪارن حوالي ڪري ڇڏيو جن طرفان لاش کي لاوارث قرار ڏيڻ بعد لاش کي غسل ۽ ڪفن ڏئي شهر ڀرسان دودائي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو. واضع رهي ته لاڙڪاڻي ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ ٿڌ ۾ واڌ کان پوءِ هيروئني توڙي نشي جي عادي جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي. گذريل ٻن ڏينهن دوران شهر جي مختلف علائقن مان ٽن هيروئنين جا لاش هٿ اچي چڪا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.