باڊهه ۾ واپاري کان چار لک ڦر، واقعي خلاف شٽر بند هڙتال، ڌرڻو

باڊھه (ن ع آ) باڊهه ۾ ماسڪ پهريل ٽن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن شهر جي مک بازار ۾ پوسٽ آفيس سامهون واقع هندو واپاري ڪانتيش روهڙا جي ايجنسي شاپ ۾ داخل  ٿي دڪان ۾ ويٺل مالڪ ۽ ملازم کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي دڪان ۾ رکيل 4 لک کان وڌيڪ روڪ رقم، اي ٽي ايم ڪارڊ، چيڪ ۽ موبائيل فونون ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا. واقعي جو اطلاع باڊهه ٿاڻي تي ڏنو ويو، جڏهن ته دڪاندارن شٽربند ڪري چئمبر آف ڪامرس اڳواڻن علي شير ساريو ۽ سڪندر ڪانڌڙو جي اڳواڻيءَ ۾ حيدر چؤڪ تي ڌرڻو هنيو، جنهن ۾ دڪاندارن کان علاوه شهر جي مختلف سياسي سماجي شخصيتن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري واقعي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. حيدر چؤڪ تي ٽن ڪلاڪن تائين لڳل ڌرڻي جي نتيجي ۾ باڊهه کان لاڙڪاڻو، راڌڻ ۽ نصيرآباد ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. هوڏانهن ٽن ڪلاڪن کانپوءِ ڊي ايس پي ڏوڪري احسان علي بڙدي ۽ ايس ايڇ او باڊهه غلام سرور گوندل ڌرڻي واري هنڌ پهچي دڪاندارن سان ڳالهيون ڪيون ۽ کانئن هڪ هفتي جي مهلت وٺي ڌرڻو ختم ڪرايو ۽ واقعي واري هنڌ جو تفصيلي معائنو ڪيو. پوليس سي سي ٽي وي فوٽيجز وٺي ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون. ٻئي طرف جي ڊي اي اڳواڻ عدنان الطاف انڙ متاثر دڪاندارن وٽ پهچي مهيش روهڙا ۽ ڪانتيش روهڙا سان ملاقات ڪري تفصيل ورتا ۽ ساڻن هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.