غوثپور ويجهو ٽريڪٽر ڪلٽي، نوجوان فوت

غوثپور (رپورٽ : عبدالغفار اوڳاهي ) غوثپور جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ فوجو لولئي ۾ زمين تي ھر ھلائيندي  اوچتو ٽريڪٽر ڪلٽي ٿيڻ سبب چالھين ورھين جو نوجوان جادو لولئي دٻجي فوت۔ وڌيڪ مليل معلومات موجب ڳوٺ فوجو لولئي ۾ پنھنجي زمين تي ٽريڪٽر ھلائيندي اوچتو ٽريڪٽر ڪلٽي ٿي پيو جنھن سبب ٽريڪٽر ڊرائيور چاليھڻ ورھين جو نوجوان جادو پٽ عبدالله لولئي دٻجي سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي سندس وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي غوثپور جي نجي ميڊيڪل سينٽر تي آندو جٿي ھو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو۔ سندس لاش وارث کڻائي گھر روانه ٿي ويا۔ لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.