عمرڪوٽ ويجهو بس موٽرسائيڪلن تي چڙهي وئي، 3 ڄڻا فوت

عمرڪوٽ/ڇور (نمائندا ) عمرڪوٽ ڇور روڊ تي سوڍا پئٽروليم پمپ ويجهو خوفناڪ حادٽي ۾ ٽي ماڻھو فوت ۽ ٻه شديد زخمي ٿي پيا فوتين جا مڙھ ۽ زخمين کي سول اسپتال عمرڪوٽ پھچايو ويو  مسافر بس موٽرسائيڪلن مٿان چڙهي وئي جنھن سبب موٽرسائيڪلن تي سوار ٽي ڄڻا چيڀاٽجي موقعي تي ئي فوت ٿي ويا ٽنهي فوتين جو تعلق ڀيل برادري سان آهي جيڪو رحيم ڪالوني عمرڪوٽ جا رهواسي هئا ڳوٺ کيت سنگهه ڇور ڏانهن مائٽن ۾ وڃي رهيا هئا ته وچ ۾ حادثو پيش آيو فوتين ۾ شيوو ڀيل ۽ ڀورو ڀيل نئين موري  لڳ ڍورونارو واسي ۽ گورڌن رحيم ڪالوني واسي شامل آھن سول اسپتال عمرڪوٽ ۾ اطلاع تي  ماڻھن جو وڏو انگ پھچي ويو ۽ حادثي سب  ڏک وارو ماحول ڇائنجي ويو جڏھن ته ڇور پوليس زخمين کي پوليس موبائيل وسيلي اسپتال پھچايو ۽ واقعي جا تفصيل ورتا بس پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏي جڏھن ته ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.