خانپور لڳ ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر، عورت فوت

خانپور (ن ع آ ) خانپور ڪنڌڪوٽ انڊس ھاء وي روڊ تي ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنھن ۾ موٽرسائيڪل تان ڪري عورت مسمات سميه زال صفدر سومرو چيڀاٽجي ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو جتان فوتي عورت جو لاش خانپور اسپتال آندو ويو جتان قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي  لاش گھر پھچڻ تي سندس جي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، ٻئي طرف پوليس ٽريڪٽر کي تحويل ۾ وٺي ٽريڪٽر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.