ڀرياروڊ ڀرسان نينگري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش، احتجاج

ڀريا روڊ (ن ع آ) ڀرياروڊ ڀرسان ڳوٺ جمعا خان ڪلھوڙي جي رھواسي زال  مڙس مسمات فرزانه ۽ سندس مڙس پسند علي ڪلهوڙو  پنهنجي  12 ورهين جي  نينگري ڪونج   سميت  ڀريا رود ٿاڻي پهچي  پوليس  توڙي  ميڊيا اڳيان احتجاج  ڪندي  الزام  هنيو  ته سندن 12 ورهين  نينگري  ڪونج سان   سندس ماسيءَ جي مڙس    امتياز ڪلھوڙو   نينگري ءَ  سان ڇيڙ ڇاڙ ڪري  کيس هٿ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي  ، سندس دانهن تي  جوابدار ڀڄي  ويو آهي ، ان سلسلي ۾ متاثر نينگري  ڪونج  پڻ  ميديا کي بيان ڏنو ته  سندس ماسڙ امتياز کيس  هٿ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي  ته مون دانهو ن ڪيو  ن  ۽ جوابدار فرار  ٿي ويو  ، نينگريءَ  جي والدين  معاملي جي جاچ ڪري  انصاف جي گهر  ڪئي آهي ،  ٻئي پاسي ڀريا رود پوليس  امتياز ڪلهوڙي  خلاف  اين سي داخل ڪري   کيس  گرفتار  ڪرڻ جي  سندس ڳوٺ ۾ رواني ٿي وئي آهي ، پوليس  موجب  معاملي جي شفاف  جاچ  ڪري متاثر  نياڻي کي انصاف  فراهم ڪيو ويندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.