ماٿيلي ڀرسان نوجوان جا قاتل آزاد، پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

ميرپورماٿيلو (ن ع آ) ھڪ مھينو اڳ گھوٽڪي شھر ۾ قتل ٿي ويل نوجوان جو وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاء ميرپورماٿيلو ۾ احتجاجي مظاھرو، ڪيس ۾ نامزد سڀني 5 ئي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو.تفصيل موجب: گھوٽڪي شھر اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ھڪ مھينو اڳ گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان نثار احمد لنڊ جي والدين ڪجل محمد لنڊ،مائي شريفان لنڊ،ڀائرن ظفر علي لنڊ ، سنھڙو ۽ ڀاڄائي مائي رضيه لنڊ، جبار لنڊ ۽ ٻين گذريل ڏينھن ميرپورماٿيلو پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاھرو ڪندي دانهيو ته جوابدارن محمد ارشاد لنڊ، شاھد ڪنڊراڻي، اعتبار لنڊ، صدام لنڊ ۽ سانوڻ لنڊ ھڪ نومبر تي حملو ڪري گوليون ھڻي حاضري تي آيل نثار لنڊ کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس ڀاء ظفر لنڊ کي مٿي ۾ گوليون ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو،ڄاڻايل جوابدارن مٿان ڪيس داخل ھئڻ باوجود گھوٽڪي پوليس ھن مھل تائين ڪو ھڪ جوابدار گرفتار نه ڪري سگھي آھي ۽ نه ئي ڪنھن جوابدار ضمانت ڪرائي آھي،الٽو ڄاڻايل جوابدار ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاء ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ حملا ڪري رھيا آھن،ھنن وسوارن کان قتل ۽ زخمي جا جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.