ٿرپارڪر تعليم کاتي ۾ استادن جي ڀرتين جو مرحلو ايندڙ هفتي کان شروع ٿيندو

مٺي (بيورو رپورٽ) ٿرپارڪر ضلعي جي تعليم کاتي ۾ جي ايِ ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي جي ڪامياب اميدوارن کان ڪاغذ وٺڻ جو سلسلو ايندڙ هفتي کان شروع ٿيندو. ڀرتين جو عمل يوسي سطح تي ٽاپ کان باٽم تائين ڪيو ويندو. روزاني ”عوامي آواز“ کي تعليم کاتي ٿرپارڪر جي ذريعن ٻڌايو ته آءِ بي اي سکر پاران ورتل ٽيسٽ جو نتيجو هيستائين تعليم کاتي ٿرپارڪر جي اختيارين کي ناهي مليو، گڏوگڏ سليڪشن ڪميٽي ۾ شامل مختلف ميمبرن جي مصروفيتن ۽ سندن ٻين انتظامي مسئلن سبب به ڊاڪيومينٽس گهرائڻ جو عمل شروع ناهي ڪيو ويو، جيڪو ايندڙ نئين هفتي کان باقاعده شروع ڪيو ويندو. استادن جي ڀرتين جو عمل ٽاپ ٽو باٽم يعني مٿانهان کان هيٺ يا وڌ کان گهٽ مارڪن کي نظر رکندي ڪيو ويندو. مثال ڪنهن يوسي ۾ ڇوڪرن جون 5 جايون آهن ته اتي سڀ کان وڌيڪ نمبرز کڻندڙ اميدوار پهرين چونڊيو ويندو، ان کانپوءِ ٻي، ٽي ۽ چوٿين پوزيشن تي ايندڙ اميدوار کي سليڪٽ ڪيو ويندو. تعليم کاتي جي ذريعن اهو واضح ڪيو ته اميدوار جي ڀرتي لاءِ اهو شرط به لازمي آهي ته سندس ڪاغذ بلڪل درست ۽ صحيح هجن، تعليم کاتي پاران جاري ٿيندڙ چيڪ لسٽ سان مطابقت ۽ موافقت رکندا هجن، غلط يا اڻپورا ڊاڪيومينٽس ڏيندڙ اميدوار ڪامياب ٿي نه سگهندو. ذريعن موجب ٿرپارڪر تعليم کاتي پاران سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري جي هدايتن تي ضلعي ۾ خالي پيل وڌيڪ جاين جي لسٽ به تيار ڪري صوبائي سيڪريٽريٽ ڏانهن موڪلي وئي آهي، جيڪا به جلد جاري ڪئي ويندي، جنهن بعد ئي ضلعي ۾ خالي پيل اصل جاين جو انگ معلوم ٿي سگهندو. نئين ٺاهيل لسٽ ۾ پراڻي فيبروري ۾ ٺهيل لسٽ کان فرق آهي، اهڙي تصديق به ذريعن ڪئي. تعليم کاتي ٿرپارڪر جي اختيارين ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ لسٽ تعليم کاتي پاران جاري ناهي ڪئي وئي، اها لسٽ نه سرڪاري آهي ۽ نه وري فائنل، انهي ڪري ان تي ڌيان نه ڏنو وڃي.

  • غلط يوسي لکندڙ اميدوار پنهنجي يوسي ۾ واپس ٿيندا

ڏيپلو: پنهنجي بدران پراين يوسين ۾ وڌيڪ سيٽون ڏسي يا ٻي ڪنهن سبب ڪري اپلاءِ ڪندڙ اميدوارن کي پنهنجي اصل يوسين ۾ اماڻيو ويندو. اهڙو اظهار ڏيپلي جي تعليمي آفيسر يا ٽي ايِ او ”ارباب ذوالفقار علي“ روزاني عوامي آواز جي نيوز انچارج وقار راهمون سان ڳالهائيندي ڪيو. ارباب ذوالفقار چيو ته يوسي ڊاڀڙي، لياکڙي يا سوڀيار وغيره جا ڪجهه اميدوار ڏيپلي سٽي يوسي ۾ اچي ويا آهن، ساڳي معاملو ٻين تعلقن ۾ به آهي. جن اميدوار ٻي يوسي ۾ اپلاءِ ڪيو آهي يا مٿن اعتراض ٿيندو ته انهن اميدوارن کي تعليم کاتي ٿرپارڪر پاران آءِ بي اي لاءِ هڪ ليٽر جاري ڪيو ويندو، جنهن ۾ آءِ بي اي وارا چيڪ ڪري ٻڌائيندا ته ٽيسٽ ڏيڻ وقت اميدوار جي يوسي يا تعلقو ڪهڙو هو، پوءِ جيڪا ان اميدوار جي يوسي هوندي، کيس ان ۾ موڪليو ويندو. اسان اها ئي رهائشي ايڊريس قبول ڪنداسين جيڪا اميدوار جي ٽيسٽ ڏيڻ وقت هئي. ٽي اي او ڏيپلو ارباب ذوالفقار واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن اميدوار اٽڪل ڪئي آهي ته فلاڻي يوسي ۾ جڳهون جام خالي آهن، آئون اتي ئي اپلاءِ ڪري آرڊر حاصل ڪئي ته اهو ڪامياب نه ٿي سگهندو.

  • نئين لسٽ جاري ٿيڻ بعد پهرين جي اِي ايس ٽي جي ڀرتين جو مرحلو شروع ٿيندو

ڏيپلو: تعليم کاتي ٿرپارڪر ۾ استادن جي ڀرتين جي عمل جي شروعات پهرين خالي پيل نين جاين جي لسٽ جاري ڪئي ويندي، جنهن بعد شاگردن کان چيڪ لسٽ مطابق ڪاغذ جا سيٽ گهرايا ويندا، جيڪي جاچ ڪميٽي پاران جاچيا ويندا. پهرين مرحلي ۾ جي ايِ ايس ٽي جي ڀرتين جو مرحلو شروع ڪيو ويندو، جنهن بعد وري پي ايس ٽي جي ريڪيورمينٽ ڪئي ويندي.

  • ٻن جاين تي پاس ٿيندڙ اميدوار جي اِي ايس ٽي آرڊر وٺن: ٽي ايِ او ڏيپلو ارباب ذوالفقار علي

ڏيپلو: ٽي ايِ او ارباب ذوالفقار ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪنهن يوسي ۾ هڪ اميدوار جي اِي ايس ٽي توڙي پي ايس ٽي ٻنهي هنڌن تي  پاس آهي ته ظاهر ڳالهه آهي جي اِيس ٽي کي اهميت ڏئي اوڏنهن ويندو ۽ هن کي وڃڻ به اوڏانهن گهرجي، ڇاڪاڻ ته جي ايِ ايس ٽي ۾ جلد پروموشن ملندا، ٻيون مراعتون ۽ رعايتون به ڏنيون ويندو، جتان اهو اميدوار ترقي ڪري جلد هاءِ اسڪول ٽيچر به ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته پي ايس ٽي ۾ صورتحال ان جي بنهي مختلف آهي. ارباب ذوالفقار چيو ته جي ايِ ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي ٻنهي جاين تي پاس ٿيندڙ اميدوار جي ايِ ايس ٽي جو آرڊر ئي وٺن، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان پي ايس ٽي جون ڪجهه سيٽون خالي ٿينديون، جن تي اسان وڌيڪ انتظار ڪندڙ اميدوارن کي ڀرتي ڪري سگهنداسين ۽ ايئن اسان پنهنجي تعلقي ۾ بند پيل وڌ کان وڌ اسڪول کولي سگهنداسين.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.