ڪنڊيارو ويجهو نينگر مبينا طور اغوا

ڪنڊيارو (ن ع آ) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ سوڀو ڪلهوڙو واسي نينگر  اشتياق ڪلهوڙو کي مبينا سندس ماما اغوا ڪري کڻي ويا ۽ تشدد بعد کيس نوشھروفيروز شهر ۾ ڦٽوڪري فرار ٿي ويا۔اطلاع ملڻ تي نينگر جي وارثن پهچي کيس حد جي پپري ٿاڻي  بعد ڪنڊيارو تعلقه اسپتال پهچايو جتي هن کي داخل ڪيو ويو آھي۔اسپتال داخل ڪيل نينگراشتياق ڪلهوڙو صحافين کي ٻڌايو ته مامن پيار علي, حبدار, مور ۽ عرفان ڪلهوڙو گهر مان زبردستي اغوا ڪري نوشهروفيروز کڻي ويا جتي،نامعلوم هنڌ رکيو ويو ۽ ان هنڌ سخت تشدد جو نشانو بڻائي، روڊ تي اڇلايو ويو۔نينگر گهرڪندي چيو ته پپري ٿاڻي تي اغوا جو اطلاع داخل ٿيل آھي،جوابدارن خلاف قدم کڻي انصاف ڪيو وڃي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.