سنڌي ثقافت سان اظهار محبت وارو ڏينهن ۽ سنڌ جي سڃاڻپ رهندڙ تاريخي ڪردار

تحرير؛مير نادر علي ابڙو

سنڌي جي ثقافت سان اظهار محبت لاءِ سنڌ سميت سموري جڳ ۾ ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي جتي ڪٿي سنڌي ثقافت جي سونهن جي واکاڻ ٿي رهي آهي عورتون ٻارڙا، مرد توڙي ٻڍڙا سڀ پنهنجي ليکي سنڌي ثقافت جي رنگن ۾ چٽيل ٿا نظر اچن سياسي سماجي ادبي شهري حلقا به هن ڏينهن کي ڀرپور نموني سان ملهائي محبتون ونڊي رهيا آهن سموري ماحول ۾ هڪ الڳ نواڻ محسوس پئي ٿئي ۽ هڪ دفعو ٻيهر سنڌيت جاڳ کاڌي آهي هو پنهنجي ثقافت جو نعرو هڻندي روڊن تي نڪري پيا آهن فخر ٿا ڪن ٿا هو سنڌي آهن هنن جي تهذيب ڪلچر اجرڪ ٽوپي، انهن جو شان آهي اهي هن جي حفاظت ڪندا. ماڻهن جا هن حوالي سان جيڪي جذبا آهن تن کي لفطن ۾ بيان نٿو ڪر سگهجي گهڻي وقت بعد هڪ لڙي ۾ پرويل سنڌ جا ماڻهو ثقافت جي سري هيٺ نظر پيا اچن ۽ انهن ۾ هڪ قسم جي سجاڳي پيدا ٿي آهي جيڪي ماڻهو پنهنجي ثقافت ڪلچر کي وساري ويٺا هئا تن ۾ وري جاڳ آئي آهي ۽ اهي سجاڳ ٿيا آهن ۽ انهن کي احساس ٿيو آهي ته هو ڪيڏي وڏي ثقافت جا رکوالا آهن ۽ اڄ اهي ماڻهو ثقافت جي ڏينهن تي سنڌي ٽوپي اجرڪ پائي جتي ڪٿي مرڪون ورهائيندي نظر پيا اچن جنهن انداز شاندار سان نموني سنڌ جو اهو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي ۽ ثقافت کي زنده رکڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيو ويون آهن سي ساراهه لائق آهن انهي ڏينهن تي خوشين جي انهن لمحن ۾ انهن ماڻهن کي به ياد رکڻ کپي جيڪي سنڌي ثقافت کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مڃتا ڏيارڻ خاطر جدوجهد ڪندا رهيا آهن انهي حوالي سان سنڌ جا کوڙ امر ڪردار موجود آهن هتي آئون انهن ڪردارن مان سنڌ جي امر ڪردار سرڳواسي ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني جو ذڪر ڪرڻ کي تمام اهم سمجهان ٿو هن جون جيڪي ڪاوشون سنڌي ثقافت ۽ خاص طور تي ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ جي ثقافت کي ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ مڃرائڻ لاءِ رهيون آهن تن کي ڪنهن به طرح سان فراموش نٿو ڪري سگهجي پاڻ 1973ع ۾ ٿر جي ثقافت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ جاکوڙ شروع ڪيائين پراڻي دور جا ڀرت جا نمونا گهرٽيون، ٽجوڙيون، تالن، کٿن کان ويندي هر اها ثقافتي شيءِ ميڙي پنهنجي گهر رين بسيرا ۾ محفوظ ڪئي جيڪا اڄ جي دور ۾ ناياب آهي جڏهن به ٿر، مٺي ۽ عمرڪوٽ گهمڻ لاءِ ملڪي توڙي پرڏيهي ايندا هئا ته اهي تاريخي شين کي ڏسڻ لاءِ ڊاڪٽر هرچند راءِ لاکاني جي رين بسيرا تي تشريف وٺي ويندا هئا جتي پاڻ سندن علائقائي کاڌن سان گڏ آدرڀاءُ ڪندو هو ۽ وقت جا ڪيئي حاڪم وزير مشير، سندن رين بسيرا جا مهمان بڻيا پاڻ ٿر جي ثقافت کي پرڏيهه ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ ميرپورخاص جي گاما اسٽيڊيم ۾ لڳل ثقافتي ميلي ۾ ٿر جو هڪ ماڊل گهر به جوڙايو هئائين جنهن ۾ هتي ايندڙ پرڏيهي سفيرن ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل ماڻهن وڏي دلچسپي ورتي هئي سندن جون ثقافت ۽ ڪلچر جي حوالي سان خدمتون نه وسارڻ جوڳيون رهيون اڄوڪي ڏينهن تي ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني کي ياد ڪرڻ آئون انتهائي اهم سمجهان ٿو مونکي ياد آهي جڏهن مون هن کان سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي جي حوالي سان جڏهن هو حيات هئا ته سوال ڪيو هو جنهن جي موٽ ۾ پاڻ جواب ڏنو هئائين ته هر ڏينهن سنڌ جي ثقافت جو آهي پوءِ هڪ ڏينهن تي اسان هي سنڌي ٽوپي اجرڪ پائي ڇا ٿا ثابت ڪرڻ چاهيون هر ڏينهن کي ثقافت جو ڏينهن ڪري ملهائڻ گهرجي برحال ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني پنهنجو وارو وڄائي ويو پر هن جون اڄ به اهي تاريخي شيون سندن فرزندن سماج سڌارڪ مهيندر ديو لکاني وٽ محفوظ آهن ۽ هو انهن جي پرگهو لهي رهيو آهي جيڪا تمام وڏي ڳالهه آهي.

منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جون به سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تمام وڏيون خدمتون رهيون آهن پاڻ لاڙڪاڻي سميت سموري سنڌ ۾ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪم پنهنجي دور ۾ ڪري ويو سي اڄ به ياد ڪيا وڃن ٿا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي سمورن اديبن تي اڪثر ڪچهيرن ۾ زور ڀريندو هو ته سنڌي ثقافت ۽ ڪلچر کي زنده رکڻ لاءِ پنهنجو قلمي پورهيو ڪيو پاڻ سنڌ ۾ ثقافتي سڄاڳي آڻڻ لاءِ ثقافتي يونيورسٽي قائم ڪرڻ صوفي ازم جي حوالي سان به يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئائين اڄ مونکي خوشي آهي ته بابا جا خواب حقيقت بڻجي منهنجي سامهون اچي رهيا آهن  سندن جيڪا سنڌي ثقافت جي حوالي سان خواهش رهي هئي سا پوري پئي ٿئي ۽ سنڌ حڪومت به ڀٽ شاهه ۾ صوفي ازم کي زنده رکڻ لاءِ يونيورسٽي قائم ڪري ڇڏي آهي اڄ پاڻ حيات هجن ها ته پنهنجي خوابن جي پالنا پنهنجي نيڻن ساڻ ضرور پسن ها پاڻ جيڪي ڪوششون سنڌي ثقافت جي حوالي سان ورتيون سي هميشه تاريخي ورقن ۾ ڳڻيون وينديون .

امراڻو عمرڪوٽ جي نگري ۾ به ثقافتي ۽ ڪلچر جي رنگن ۾ هميشه مون ڏٺو آهي ته هتان جو سماجي اڳواڻ رسول بخش رحمداڻي به رچيل نظر آيو آهي جنهن هر وقت اهي ڏهاڙا ملهايا آهن ۽ ماڻهن کي محبتون ڏنيون آهن جنهن جو به ڪردار اڄوڪي ڏينهن تي ياد رکڻ کپي اڄ سموري سنڌ هڪ لڙي ۾ پويل نظر ٿي اچي ۽ ماڻهو اجرڪ ٽوپي پائي هڪ ٻئي سان ڀاڪرن تي ڀاڪر وجهي ملي رهيا آهن ۽ انهن کي فخر آهي ته سندن ثقافت مالا مال آهي ۽ هتي جو ڪلچر ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ مختلف ۽ ماڻهن لاءِ دلچسپ بڻيل آهي ۽ انهي ڏينهن کي جنهن نموني سان اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جا نمائندا ملهائي رهيا آهن ۽ عوام کي سجاڳ ڪيو آهي ان عمل جي جيتري به تعريف ڪجي اها گهٽ هوندي انهن جون سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪيل ڪاوشون هميشه سنڌ جي تاريخي صفحن ۾ سونهري لفظن ۾ لکيو وينديون اهڙي ثقافتي سجاڳي واري مهم ڪنهن ملڪ جي ميڊيا هيل تائين نه هلائي هوندي جيڪا سنڌي ميڊيا ٽوپي ۽ اجرڪ جي حوالي سان هلائي آهي ته اتي سياسي سماجي ادبي حلقن به دل کولي سندن واکاڻ ڪندي تسليم ڪيو آهي هن ڏينهن جي اهميت سنڌي ماڻهن ۾ عيد کان به وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪي آهي ۽ انهي ڏينهن تي هو خوشيون ميڙڻ لاءِ تمام گهڻا بيقرار نظر ٿا اچن ته هي ڏينهن ڪڏهن ٿو اچي جنهن تي هو پنهنجيون حقيقي خوشيون جيڪي سنڌي ثقافت سان محبتون آهن اهي ميڙي سگهن انهي حوالي سان سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا پڻ الڳ الڳ پروگرام ترتيب ڏنا آهن جن ۾ مچ ڪچهريون سگهڙن جون ڪچهريون مشاعره محفلون ريليون سنڌ جي اوليائن جي درگائن آڏو صوفياڻي راڳ رنگ جون محفلون ۽ ٻيا ثقافتي رنگ سجايا ٿا وڃن. انهي ثقافت جي ڏينهن ورهين کان مايوسين جي ور چڙهيل سنڌي عوام کي عيد کان به وڌيڪ خوشيون موٽائي ڏنيون آهن ۽ سنڌ جو هر چهرو ثقافت جي انهي ڏينهن جي حوالي سان انتهائي پرجوش آهي.

جتي ماڻهن کي خوشيون مليون آهن ته اتي گڏ سنڌي ٽوپي اجرڪ جي جيڪا مارڪيٽ ڏينهون ڏينهن ختم پئي ٿي ۽ مزدور فاقا ڪشي تي مجبور هئا انهن جي هنر کي به هٿي ملي آهي ۽ انهن هٿڙن کي به ياد رکڻ گهرجي جن جي آڱرين جي زور تي اسان جي ثقافت قائم ۽ دائم آهي اجرڪ ۽ ٽوپي تيار ڪندڙ مزدورن جي خوشين جو به هن ڏينهن تي خيال رکڻ اسان تي واجب ٿئي ٿو انهن جي مزدوري وڌائڻ کان ويندي حڪومتي سطح تائين انهن جي ڀرپور نموني سان پرگهو لهڻ جي حوالي سان قدم کڄڻ کپن، سنڌي ثقافت سان محبت جي ڏينهن جي حوالي سان جنهن پرجوش ۽ محبت جو اظهار نيڪ نيتي سان ڪيو پيو وڃي اهو سدا سلامت رهي ۽ ائين ئي محبتون مچنديون رهن.

اسان خوشنصيب آهيون جو موهن جي دڙي جي ثقافت جا  وارث آهيون ۽ دنيا تي ڇانيل آهيون اڄ اسان جي خوشقسمتي آهي ته اسان جا حڪومتي نمائنده به انهي ثقافت جي ڏينهن کي ڀرپور نموني سان ملهائي رهيا آهن هتي منهنجي حڪومتي اختيارن آڏو اها گذارش آهي ته حڪومتي سطح تي سنڌي ثقافت کي جيارڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.اسان جي سنڌي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپي سان اظهار يڪجهتي جي ڏينهن کي ڏسڻ بعد هاڻ ڪڏهن به ڪير ائين چوڻ جي جرعت نه ڪندو ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.