سيالڪوٽ واقعو، جنونيت کي ڪيئن روڪيندا ؟

پنجاب جي شهر سيالڪوٽ ۾ جنونيت جي هڪ واقعي سموري انسانيت جو ڪنڌ شرم مان جهڪائي ڇڏيو آهي. هڪ غير ملڪي شهري کي ماڻهن جي هڪ ميڙ تشدد ڪري مارڻ کانپوءِ هن کي باهه ۾ ساڙي ڇڏيو. سري لنڪا جو شهري نالي پريانٿا ڪمار هڪ فئڪٽري ۾ايڪسپورٽ  مينيجر طور ڪم ڪندو هو.مٿس تشددڪندڙ۽ ماريندڙن ۾ ان فئڪٽري جا ورڪرز ئي شامل آهن.

دل کي ڏاڙيندڙ هن واقعي جو  پڙاڏو هن وقت سموري دنيا ۾ ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي. انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل واقعي ۾ سري لنڪا جي شهري جي زندگيءَ وڃائڻ تي افسوس ڪندي چيو آهي تي مارجي ويل شهري تي مذهب جي توهين  جو الزام هو.

اهو واقعو سيالڪوٽ ۾ فيض آباد روڊ تي پيش آيو، ڪنهن سبب  ورڪرز پهرين  هن کي تشدد جو نشانو بڻايو جنهن دوران فئڪٽري جو هڪ عملدار هن کي ماڻهن کان ڇڏائي ڇت تي وٺي ويو ۽ ڇت جو دروازو بند ڪري ڇڏيو، ان کانپوءِ هجوم دروازو ٽوڙي ڇت تي پهتو ، مينيجر کي تشدد ڪندو پاڻ سان وٺي ويو.  هن وقت تائين اهو ئي رپورٽ ٿيو آهي. واقعي جا ٻيا پاسا به سامهون اچي رهيا آهن. اهو واقعو جمعي واري ڏينهن منجهند ڌاري پيش آيو آهي.

پريس رپورٽ تحت آءِ جي پوليس پنجاب جو چوڻ آهي ته پوليس کي يارهين لڳي ڇويهن منٽن تي اطلاع مليو هو ۽ پوليس يارهين لڳي ڇائيتاليهه منٽن تي پهتي هئي. هن کان اڳ ضلعي پوليس عملدار ايترو چيو هو ته جاچ ڪريون پيا جيڪڏهن ان وقعي ۾ پوليس جي ڪوتاهي هوندي ته ان سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي.

واقعي جو ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت اڻ ڄاتل جوابدارن خلاف  داخل ڪيو ويو آهي.  هڪ سئو کان وڌيڪ گرفتاريون به ٿيون آهن.  وزيراعظم جي مذهبن وچ ۾ لاڳاپن واري وزارت جي  خاص نمائندي طاهر اشرفي چيو آهي ته اهڙو واقعو  ظلم۽ بربريت آهي، ڏوهارين کي سزا ملندي، اهڙن ماڻهن اسلام جي تعليم کي مسخ ڪيو، ان واقعي تي مسلمان شرمسار آهن.سندس چوڻ هو ته توهين مذهب جو قانون موجود آهي، سري لنڪن شهري تي حملو ڪندڙن ان قانون جي به ڀڃڪڙي ڪئي آهي.   وزير اعظم سيالڪوٽ واقعي کي انتهائي خوفناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته واقعي جي ذميوارن کي نه بخشيو ويندو هن چيو ته آئون سموري جاچ جي نگراني ڪري رهيو آهيان. آءِ جي پوليس پنجاب چيو آهي ته سيالڪوٽ واقعي ۾ ماڻهن کي مڇرائيندڙ ۽ قتل جو اعتراف ڪندڙ جوابدار فرحان گرفتار ڪيو ويو آهي.

اهڙي واقعي سموري سماج کي ڌوڏي ڇڏيو آهي. ههڙا واقعا هن کان اڳ پڻ ٿياآهن، عقيدي يا مذهب کي غلط انداز سان استعمال ڪندي ماڻهن ائين ڪيو آهي. اهڙن واقعن کانپوءِ ٿوري دير جي لاءِ ته سموريون ڌريون پريشاني ۾ مبتلا ٿي وينديو ن آهن پر اهڙن واقعن کي ڪيئن روڪبو؟ ان تي ڪو به ويچارڻ جي زحمت نٿو ڪري، ڪنهن به اهڙي واقعي کانپوءِ ان تي ڪجهه وقت لاءِ هاءِ گهوڙا ٿيندي آهي وقتي طور پيدا ٿيل  دٻاءَ گهٽجڻ کانپوءِ وري اسان جا اڪابر ۽ اسان جون حڪومتون توڙي قانون جوڙيندڙ، قانون جي تشريح ڪندڙ ۽ قانون تي عمل ڪرائيندڙ ڌريون ان ڳالهه کي ئي وساري ويهي رهنديون آهن.

ڳچ عرصي کان  ملڪ تي غير جمهوري قوتن جو قبضو رهيو آهي، جنهن ڪري  عوامي جمهوري مزاج ۽ جمهوريت جي ڪا به اوسر نه ٿي سگهي آهي، جنهن سان عام ماڻهون جو جمهوريت ۽ قانون تي عمل ۾ يقين پڪو پختو ٿئي. ماڻهن جي ذهنن ۾ مذهبي جنونيت کي ڳچ عرصي کان ڀريو ويو آهي، جنهن جو بنياد لڳ ڀڳ ملڪ جي وجود ۾ اچڻ سان رکڻ  شروع ٿي ويو هو، پهرين ڪشمير اهڙي شدت جي اڀار جي لاءِ هڪ نڪتو هو ان بعد جڏهن جمهوريت تي راتاهو هڻي ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر اقتدار تي قبضو ڪيو هو ته  سعودي عرب جي مهربانين سان ملڪ ۾ اهڙو مذهبي ڌرين جو ڄار وڇايو ويو جنهن سان هنن جا سمورا مذهبي توڙي سياسي مقصد پورا ٿيندا رهيا. انهيءِ پس منظر ۾ افغانستان ۾ هلندڙ جهاد پڻ وڏو ميدان فراهم ڪيو جنهن ۾ سموري دنيا جي شدت پسندن کي هت دعوت ڏئي گهرايو ويو، رهايو ويو، انهن کي مذهب جي شدت پسندي ڏانهن ڌڪيو ويو، اهي ڪجهه پس منظر  آهن جنهن کي سمجهڻ سان اسان کي هاڻوڪي صورتحال   سمجهڻ ۾ اچي ويندي. واقعي جون پاڙون ڳولڻيون آهن ته پوءِ اسان کي سنجيدگيءَ سان ملڪ ۾ موجوده مذهبي شدت پسندي کي هٿي ڏيندڙ  سياست جي پاسي کي به سمجهڻو پوندو.

جيڪڏهن هن ملڪ جا اصل والي وارث ۽ حڪمران  مذهبي شدت پسندي کي سمجهڻ چاهين ٿا ته اهي ان کي ڪيس اسٽڊي طور  سامهون رکن. ان جي اڀياس ڪرائين ان مان حاصل ٿيندڙ نتيجن تي عمل به ڪن.

ان ماملي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ جامع پروگرام جوڙي پڻ عوام کي هيٺين سطح تائين اهو سمجهايو وڃي ته اسلام جي تعليم ۾ ايئن نه آهي ته اڳين ڌر جو ڪيس ٻڌو ئي نه وڃي، عوام کي هيٺين سطح تائين اهو به سمجهائڻ جي ضرورت آهي ته جيڪڏهن ڪو مذهب جي توهين ڪري  ٿو ته ان جو بابت حڪومت ئي ڌر ٿي ڪري ان جي جاچ ڪندي، تنهنڪري جيڪڏهن ڪو اهڙي مسئلي ۾ پوندو ۽ قانون هٿ ۾ کڻندو ته ته اهو قانون جي روءِ سان پاڻ ڏوهه جو ڏوهاري ٿيندو، تنهنڪري ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه آهي.

اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن سرڪار ان طرف سنجيدگي اختيار ڪري ۽ هيٺين سطح تي عوام جي تعليم جو جوڳو بندوبست ڪري، قانون تي عمل کي به يقيني بڻائي. ته ان جا نتيجا اچي سگهن ٿا جنهن تي لڳاتار  ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

دنيا ۾ هن واقعي جي ڪري ملڪ جي حقيقي صورتحال جي جيڪا تصوير متعارف ٿي آهي ان سان ملڪ توڙي عوام جي شدت پسند هئڻ وارو پيغام ويو آهي، هڪ ته اڳي ئي دانهون آهن ته پرڏيهه ۾ اسان جي ملڪ بابت مثبت تاثر نه آهي مٿان وري ههڙا واقعا ٿين ته پوءِ اوهان دنيا م  پاڪستان جي لا ءِ منفي راءِ کي ڪيئن روڪي سگهندا، ان سان عوام ۽ ملڪ جي بدنامي ئي ٿيڻي آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.