اڄ سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو، تياريون مڪمل

ڪراچي(رپورٽر) سڄي سنڌ ۾ اڄ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويندو، تياريون عروج تي پهتل، ريليون ڪڍڻ جو اعلان، خبرموجب سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي 5 ڊسمبر تي ڪراچي، حيدرآباد،سانگهڙ، نوابشاهه، ميرپورخاص، عمرڪوٽ،مٺي،بدين، سجاول،ٽنڊي محمدخان، ٺٽي، سکر، گھوٽڪي، خيرپور، نوشهروفيروز، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، شهدادڪوٽ سميت اتر سنڌ ۾ اڄ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويندو، ثقافتي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ سکر شهر ۾ مختلف هنڌن تي اسٽال لڳائي ثقافتي شيون وڪرو ڪيون پيون وڃن، ٻي طرف نوجوان گڏاڻي اتحاد سکر جي اڳواڻ محمد مراد گڏاڻي اعلان ڪيو آهي ته اڄ ثقافتي ڏهاڙي تي شڪارپور ڦاٽڪ کان موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي ويندي. ان ريلي ۾ مختلف علائقن کان سوين ماڻهو شرڪت ڪندا. اهار ريلي نئون ڳوٺ، پوليس لائين، ريس ڪورس روڊ، ايوب گيٽ کان ٿيندي سکر پريس ڪلب پهچندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.