عدليه آزاد ئي رهندي، فيصلن تي تنقيد جي حوصله افزائي ڪنداسين: چيف جسٽس

لاهور(م ڊ) سپريم ڪورٽA جي چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته قانون جي حڪمراني ۽ بنيادي حقن جو تحفظ اسان جو ڪم آهي. عدالتون آزاد آهن ۽ آزاد ئي رهنديون، عدالتن هميشه مڪمل آزادي سان فيصلا ڏنا آهن. گذريل ڏينهن پنجاب بار ڪائونسل ۾ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته هر جج قانون مطابق پنهنجو فيصلو ڏيندو آهي، عدالتون آزاد آهن ۽ آزاد ئي رهنديون. هن چيو ته قانون جي حڪمراني، بنيادي حقن جو تحفظ اسان جو ڪم آهي، جيڪڏهن اسان اهو ڪم نه ڪنداسين ته حلف جي ڀڃڪڙي هوندي. هن چيو ته عدليه جو ڪو رجحان نه هوندو آهي، عدالتي فيصلن تي تنقيد جي حوصلا افزائي ڪنداسين، جج جنهن ڪيس کي ٻڌندا ان جو فيصلو حقيقتن مطابق ئي ڪيو ويندو. چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته وڪيلن جو ڪم ججن سان بدتميزي ڪرڻ نه بلڪه عدالتي معاونت ڪرڻ آهي. بدتميزي وڪالت جي پيشي کي نٿو سونهي. هن چيو ته عدالتي فيصلن کي ناراضگي ۽ جهيڙن جو سبب نه بڻائڻ گهرجي. عدالتي فيصلن کي عدالت جو رجحان قرار ڏيڻ هرگز مناسب ناهي. هن وڌيڪ چيو ته عدالتي فيصلن تي تنقيد جي حوصلا افزائي ڪنداسين. هن چيو ته جج صاحبان گرمي جي موسم گرمي وارو ۽ سردي جي موسم ۾ سردين وارو فيصلو نٿا ڏين. چيف جسٽس گلزار احمد وڪيلن جي سلوڪ جو ذڪر ڪندي چيو ته وڪيل دليل ۽ قانون عام ماڻهو هوندو آهي، وڪيل برادري جو ڪم ججن جي معاونت ڪرڻ آهي. انهن جو ڪم ججن سان غير مناسب رويو اختيار ڪرڻ ناهي، کين علم هجڻ گهرجي ته عدالت ۾ ڪهڙي طريقي سان ڳالهه ڪرڻي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.