سنڌهاري ڪميٽي جي ڪئمپ، جيئي سنڌ جي نعرن جي گونج

حيدرآباد (پ ر)سنڌ هاري ڪاميٽي پاران حيدر چوڪ تي استقباليه ثقافتي ڪئمپ لڳائي وئي ڪئمپ تي سنڌ هاري ڪاميٽي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي ۽ڪارڪنن سميت موجود سنڌي گيتن تي جهمريون ۽ جيئي سنڌ جي نعرن سان حيدر چوڪ گونجي اٿو، ان موقعي سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي ميڊيا سان ڳالهائيندي جي چيو ته سنڌ امڙ جو سڏ ورنائيندي سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان سنڌي ثقافتي ڪئمپ لڳائي وئي آهي ڪئمپ تي سنڌي ثقافتي ريلين جي گلن سان آجيان ڪئي ويندي هن چيو ته سنڌ جا پرامن ماڻهو آهن پنهنجي ثقافت سان پيار ڪن ٿا،سنڌ محبتن جي لڙي ۾ پوئجي رهي آهي هن چيو ته پنهنجي ثقافت تي فخر ڪيون ٿا سنڌڙي سان وفا جو وچن ورجهائي رهيا آهيون۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.