گم ٿيل شهري بازياب نه ٿا ٿين، ٽاسڪ فورس جو ڪهڙو فائدو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ 6 سال اڳ گم ٿيل شهري محمد نديم سميت ٻين جي بازيابي وارين درخواستن تي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز سميت ٻين لاڳاپيل ادارن کان مهيني اندر اڳڀرائي رپورٽ گهري ورتي آهي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جي آءِ ٽي ۽ ٽاسڪ فورس جو ڪو فائدو نه آهي جڏهن گم ٿيل شهري بازياب نه ٿيا آهن، جاچ آفيسر چيو ته اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته نديم ڊي ايس آر منظور پنهور جي قيد ۾ آهي، جڏهن ته ڊي جي رينجرز کان ان حوالي سان معلومات ورتي وئي ته هن ٻڌايو ته منظور پنهور جي نالي سان ڪابه ڊي ايس آر نه آهي ، عدالت کي ٻڌايو ويو ته اهڙا ڪيترائي ماڻهو گرفتار ٿيل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.