صرف الزام جي بنياد تي قانون هٿ ۾ کڻڻ اسلامي تعليمات خلاف آهي:مولانا طارق جميل

لاهور(م ڊ) مشهور عالم دين مولانا طارق جميل کان پوءِ شيخ الحديث مفتي تقي عثماني به سيالڪوٽ ۾ پرڏيهي فيڪٽري مئنيجر سان پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي، گذريل ڏينهن مشهور عالم دين مولانا طارق جميل به سيالڪوٽ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو هو ته ناموس رسالت جي آڙ ۾ پرڏيهي کي زنده ساڙڻ وارو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، مولانا طارق جميل ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو ته صرف الزام جي بنياد تي قانون هٿ ۾ کڻڻ اسلامي تعليمات جي خلاف آهي. شيخ الحديث مفتي تقي عثماني جو رد عمل به سامهون اچي ويو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته توهين رسالت سنگين ڏوهه آهي پر ان جا ثبوت به اوترا ئي مضبوط هجڻ ضروري آهن، مفتي تقي عثماني چيو آهي ته ڪنهن مٿان توهين رسالت جو سنگين الزام لڳائي سزا ڏيڻ جو ڪوبه جواز نه آهي. سيالڪوٽ واقعي مسلمانن جي بدصورت تصوير ڏيکاري ملڪ کي بدنام ڪيو،  وحشياڻي طريقي سان سزا ڏيڻ جو ڪوبه جواز نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.