سنڌ ۾ نادرا ملازمن جي مدد سان ڌاڙيلن کي جعلي سمون جاري ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم ونگ سکر ۽ گهوٽڪي ۾ جعلي موبائل سمن جي رجسٽريشن ۾ ملوث نادرا جي ٻن ملازمن سميت 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

ايڊيشنل آءِ جي ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ عمران رياض ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته سنڌ جي ڪچي جا ڌاڙيل جعلي رجسٽريشن ڪرائي سمون استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪي ڀتي خوري، ڀنگ لاءِ اغوا سميت قتل ۽ قتل جي قدمن، ڦرلٽ جي وارداتن ۾ استعمال ٿينديون آهن.

هن چيو ته نادرا ملازم به جعلي سمن جي رجسٽريشن جي ڌنڌي ۾ ملوث نڪتا آهن، جوابدار نادرا جي فارمز جو اسڪرين شاٽ وٺي ٻين جوابدارن کي ڏيندا هئا.

سندس چوڻ هو ته سکر ۽ گهوٽڪي ۾ ڪارروائي دوران 2 فرنچائز سيل ڪري وڏي پئماني تي موبائل فونون، سمون، ليپ ٽاپ ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو، ان کانسواءِ 10 هزار آڱوٺن جو رڪارڊ به برآمد ڪيو ويو آهي.

عمران رياض ٻڌايو ته سڄي سنڌ ۾ چائلڊ پورنوگرافي ۾ به اهڙي ئي قسم جا ذريعا استعمال ڪيا ويندا آهن، جنهن سبب جوابدار ٽريس ناهن ٿي سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.