بدين، راڄوخاناڻي، ٽنڊوالهيار ۽ سکر ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريبون

سنڌ جي مختلف شهرن بدين، راڄوخاناڻي، ٽنڊوالهيار ۽ سکر ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان خانگي اسڪولن ۾ ثقافتي تقريبون ڪوٺايون ويون.

بدين ڀرسان ڳوٺ عالم خان کوسو  جي ڀٽائي پبلڪ اسڪول  ثقافتي اسڪول ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شاگردن، شاگردياڻين، استادن ۽ ٻارڙن جي والدين شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ شآگردن ۽ شاگردياڻين قومي گيتن تي رقص ڪري ٽيبلوز پيش ڪيا.

راڄوخاناڻي ۾ سندھ ايجوڪيشن فاونديشن جي سهڪار سان هلندڙ اقبال پبلک  اسڪول ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي.

تقريب ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين قومي تي گيتن تي رقص ڪيو ۽ مختلف ٽيبلوز پيشا ڪيا.

ٽنڊي الهيار جي اقصيٰ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي شاگردن ۽ شاگردياڻين تقريب ۾ قومي گيتن تي رقص ڪيو ۽ مختلف ٽيبلوز پيش ڪري سنڌ ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪئي.

سکر جي دي سيوي اسڪول ۾ ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو جنھن ۾ اسڪول جي ٻارڙن سنڌي گيتن تي رقص سان تقريري مقابلن ۾ حصو وٺي خوب داد وصول ڪيو.

ان موقعي استادن، شاگردن، شاگردياڻين ۽ تقريبن ۾ شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته ’ سنڌ جي ثقافتي هزارين سال قديم آهي،  ثقافت کي اجاگر ڪري  زندگي کي بهتر نموني گذاري سگهجي ٿو! جيڪي قومون پنهنجي ثقافت وسارينديون آهن اهي دنيا جي نقشي تان پنهنجي تاريخ به وساري ويهنديون آهن. اسان کي پنهنجي مستقبل جي بقا لاءِ سرداري نظام خلاف ٿي تعليم طرف اچڻو پوندو.

هنن چيو ته 5 ڊسمبر تي قومي ثقافتي ڏهاڙو عيد جيان ملهايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.