مشهور ريئلٽي شو”بگ باس“ لوڏن ۾، سلمان خان به بيوس بڻجي ويو

ڀارتي ريئلٽي شو ”بگ باس“ جي سيزن 15 جي وقت کان اڳ پڄاڻي جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي ۽ شو جو هوسٽ دبنگ خان به ائين ٿيڻ کان روڪڻ ۾ بيوس نظر اچي رهيو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب بگ باس سيزن 15 جي ريٽنگ اميدن کان تمام گهڻي گهٽ ٿي وئي آهي جنهن جي ڪري انکي ڊيگهه ڏيڻ جي بدران مقرر وقت کان اڳ ئي پورو ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

بگ باس جي گذريل سيزن ۾ به ريٽنگ جا مسئلا سامهون آيا هئا تنهن هوندي به وائلڊ ڪارڊ انٽريز جي ڪري شو ۾ ڪجهه ساهه پيو هو تنهن هوندي به هن ڀيري سلمان خان جي ڪوششن جي باوجود ريٽنگ نٿي اچي.

ميڊيا رپورٽن موجب بگ باس جا ميڪرز ڪنهن ٻئي معاملي ۾ ڦاٿل آهن جنهن جو اثر شو تي پئجي رهيو آهي. انکانسواءِ شو جي شروعات ۾ ئي ڪرڪيٽ ميچون به هيون جنهن جي ڪري مداحن جو ڌيان هن پاسي ڪجهه گهٽ آهي.

انکانسواءِ به بگ باس 15 ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ ناڪام ويو آهي ۽ ان ۾ جوش، مقابلي جو معيار ۽ ٻيا عنصر گم آهن.

ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بگ باس سيزن 15 جو هال اهو ئي رهيو ته ايندڙ 4 کان 6 هفتن ۾ شو کي ختم ڪيو ويندو.

بگ باس سيزن 14 جون گڏيل طور 142 قسطون نشر ڪيون ويون هيون جڏهن ته هن ڀيري لڳي ٿو ته انکي جلدي ختم ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.