گھوٽڪي: جسقم ۽ جساف پاران سرداري نظام خلاف ريلي

گھوٽڪي ۾ جسقم ۽ جساف پاران ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان سرداري نظام خلاف مشعل برداري ريلي ڪڍي وئي.

اڳواڻن ڪامريڊ اڪرم ٿهيم، رشيد سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان پپل چوڪ کان پريس ڪلب تائين مشعل برداري ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اڄ اسان دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته اسين سنڌي محبت ڪندڙ ۽ امن پسند قوم آهيون، 5 ڊسمبر تي لکين سنڌي سنڌ ۾ سرداري نظام خلاف ميدان ۾ نڪري ثقافتي کي اجاڳر ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.