قمبر: ”سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“جي سري هيٺ ثقافتي تقريب

قمبر ۾ سجاڳ فورم پاران بخاري حال ۾ سيد مجاهد حسين شاھ بخاري ۽ سيد اخلاق حسين شاھ بخاري جي ميزباني هيٺ عوامي آواز جي نعري سرداري نظام کان ڇوٽڪارو جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو جوش جذبي سان ملهايو.

ثقافتي تقريب ۾ نالي وارن فنڪارن، سگهڙن ۽ شاعرن گيت ڳائي، شاعري پيش ڪري ڳجهارتون ڏئي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

ان موقعي تي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ سرداري نظام تباهي آندي آهي سردار پنهنجي انا خاطر ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، سرداري نظام جي ڪري سنڌ ۾ تعليم صحت تباهه حاليءَ جو شڪار آهي.

هنن چيو ته سرداري نظام کان ڇوٽڪارو ئي سنڌ جي بقا ۽ ترقي جو سبب بڻبو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.