سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب آھي: زين شاهه

مقصودو رند (ن ع آ) سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب آھي، ھاڻ ته وڪيل به محفوظ ناهن ته عام ماڻھو ڪيئن محفوظ رھندو، وڪيلعرفان علي مھر جو قتل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي،  اھڙو اظھار سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ سيد زين شاهه مقصودو رند لڳ ڳوٺ جلال رند ۾ سيٺ مير رند ۽ سنڌ عوامي سٿ شھدادپور جي تعلقي آرگنائيزر احسان علي رند سان والده جي وفات تي تعزيت ڪندي ڪيو، ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪورٽ جي دٻاءُ بعد بلدياتي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ راضي ٿي پر سنڌ حڪومت بلدياتي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ سنجيده ناهي، 2015 کان جيڪي به اليڪشن ٿيا اھي، آر اوز اليڪشن ھئا، وفاقي حڪومت پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ووٽ ڪرائڻ واري عمل جي ساراهه ڪيون ٿا. ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي سانگهڙ جا اڳواڻ محمد خان پنھور، حق نواز رند، الله ڏتو عرف قاضي رند ولي محمد ڏاھري ۽ ٻيا دوست گڏ ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.