خدشو آهي ته علي حسن زرداري پرڏيهه وڃڻ بعد واپس نه ايندو: نيب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پ پ جي اڳواڻ علي حسن زرداري جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ايندڙ ٻڌڻيتي ڊپٽي اٽارني جنرل پاڪستان کان جواب گهري ورتو آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته علي حسن زرداري علاج جي لاءِ پرڏيهي وڃڻ چاهي ٿو، فريال ٽالپر کي به ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، عدالت ۾ نيب جي وڪيل چيو ته علي حسن زرداري جي خلاف ٻه انڪوائريون هلي رهيون آهن ، خدشو آهي ته علي حسن زرداري پرڏيهي وڃڻ کان پوءِ واپس نه ايندو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 24 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي ، ياد رهي ته علي حسن زرداري جي خلاف جعلي بئنڪ اڪائونٽ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ انڪوائري هلي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.