رانا شميم جو حلفي بيان صحيح، پاڪستاني عدالت وڃڻ لاءِ تيار آهيان: چارلس گٿري

لنڊن (م ڊ) جسٽس (ر) رانا شميم جي حلف نامي جي تصديق ڪندڙ وڪيل اوٿ ڪمشنر ۽ نوٽري پبلڪ چارلس گٿري چيو آهي ته  هو  پاڪستان  ۾  عدالتن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن ان ڳالهه جي تصديق ٿي سگهي ته رانا شميم حلف نامي تي صحيح ڪئي هئي ۽ دستاويز تي صحيح ڪرڻ وقت هو هوش حواس ۾ هو. خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي لنڊن جي نوٽري پبلڪ چارلس گٿري تصديق ڪندي چيو آهي ته شايع ٿيندڙ حلف نامو صحيح آهي هي اهوئي حلف نامو آهي جنهن تي مون صحيحون ڪيون هيون ۽ ٺپو لڳايو هو ان تي جسٽس رانا شميم جي صحيح هئي. چارلس گٿري چيو ته رانا شميم ان ڳالهه ٻولهه جي تصديق ڪئي هئي ته پنهنجي حلف نامي تي صحيح ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي هئي ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هڪ سينئر جج تي دٻاءُ وڌو ته وزيراعظم نوازشريف ۽ ان جي ڌيءَ مريم نواز کي 2018 جي عام چونڊن کان اڳ ضمانت تي آزادي نه ملڻ گهرجي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.